”شهباز شريف جي ڪاميابين فارن فنڊنگ ايجنٽ کي تڙپائي ڇڏيو آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پاڪستان جي ڪاميابين فارن فنڊنگ ايجنٽ کي تڙپائي ڇڏيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتني خان جون وزيراعظم شهباز شريف بابت بي تڪيون ڳالهيون ٻڌائي رهيون آهن شهباز شريف ۽ پاڪستان کي جيڪي سفارتي ڪاميابيون ۽ ٻاهرين دنيا کان عزت ملي آهي، ان فارن فنڊنگ ايجنٽ کي تڙپائي رکيو اهي.

هن چيو ته ڊالر آخر حلال به ته ڪرڻا آهن، ان ئي حسد جي باهه ۾ سڙڻ هاڻ ان جو مقدر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.