مير مرتضيٰ ڀٽو آمرن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو، تاريخ کيس هيرو طور ياد رکندي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته تاريخ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي هيرو طور ياد رکندي، هو بهادر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ هو، هن آمرن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته قاتلن مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل لاءِ ڪمال جي رٿابندي ڪئي هئي ته قتل به محترمه بينظير ڀٽو جو ڀاءُ ٿئي ۽ حڪومت به ان جي ختم ڪري کيس سياست مان بي دخل ڪيو وڃي.

هن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي انداز سان جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ڪئي ۽ شهادت ماڻي، دنيا شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي هڪ حريت پسند طور ياد رکندي.

سندس چوڻ هو ته اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جو قبرستان شهيدن سان آباد ٿي گنج شهيدان بڻجي چڪو آهي، جتان جمهوريت جو سج رت جي ڳاڙهاڻ سان اڀرندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.