سنڌ ۾ 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ به ڪورونا ويڪسينيشن مهم شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ٻار اسڪول پيا وڃن، انهن جي ويڪسينيشن ڪري رهيا آهيون ته جيئن محفوظ رهن.

سنڌ حڪومت طرفان سڄي صوبي ۾ 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ به ڪورونا ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو ته ٻارن کي ڪو رونا ويڪسينيشن مهم جو پهريون مرحلو 24 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.

هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 24 لک ٻارن جي ڪورونا ويڪسينيشن ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.