امداد جي نالي تي زهر ورهائجڻ لڳو؟ مدي خارج دوائون ٻوڏ متاثر ٻارن حوالي !

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جي هڪ ڪيمپ تي بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙن کي مدي خارج دوائون ڏنيون ويون جيڪي هنن اڻ ڄاڻائي ۾ واپرائي ڇڏيون.

دادو جي گرلس هاءِ اسڪول واري ڪيمپ ۾ اهي دوائون متاثرن کي ڏنيون ويون آهن پر ڪير به زميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هڪ صحافي جي ٽوئيٽ ۾ اهي تصويرون سامهون آيون آهن جن تي ايڪسپائري واري تاريخ واضح لکيل آهي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ کانپوءِ انيڪ بيمارين ڪر کنيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا، مرد ۽ عورتون موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.

ڏينهون ڏينهن اهو انگ وڌي رهيو آهي ۽ سهولتن جي وري به اڻاٺ آهي.

سوشل واهپيدار انهن تصويرن جي سامهون اچڻ کانپوءِ سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا متاثرن کي هاڻي زهر ڏنو پيو وڃي؟

ياد رهي ته پاڪستان کي عالمي امداد ۾ وڏي پئماني سامان ملي رهيو آهي جنهن بابت اهو سوال عام آهي ته نيٺ اهو سامان ڪيڏانهن وڃي رهيو اهي؟

ان کان اڳ معزز ججز جي ڇاپن ۾ ڪٿي هوٽلن ته ڪٿي وري نجي گدامن ۾ خيما ۽ راشن هٿ ڪري انهن کي سيل ڪيو ويو هو.

اهڙيون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي آيون هيون جن ۾ واضح ڏٺو ويو ته رات جي اونداهي ۾ ٻوڏ متاثرن جو سامان عملدارن جي آفيسن مان اڻڄاتل هنڌ منتقل ٿي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.