اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر خلاف فواد چوڌري جي درخواست رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گذريل ڏينهن نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خارج ڪري ڇڏيو آهي.

فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ موقف پيش ڪيو ته نثار دراني جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 216 جي ڀڃڪڙي آهي.

چيف جسٽس چيو ته اها آئيني مقرري آهي، ميمبر کي ڪيئن ٿو هٽائي سگهجي؟ هن عدالت کي ڏسي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪنهن معاملي ۾ غير ضروري مداخلت نه ڪنداسين.

عدالت واضح ڪيو ته اهڙي مداخلت نه ڪنداسين، جنهن سان آئيني عهدي بابت تڪرار پيدا ٿئي، توهان آئين جي شق ٻيهر پڙهو، اهو تمام واضح آهي، آئين فورم به فراهم ڪري رهيو آهي ۽ طريقي ڪار به ٻڌائي رهيو آهي.

وڪيل چيو ته هن مقرري ۾ ڪجهه فرق آهي، اهو اتي اپلائي ٿيندو جتي مس ڪنڊڪٽ اچي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ميمبر ڪڏهن مقرر ٿيو؟

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نثار دراني 24 جنوري 2020 ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ جو ميمبر مقرر ٿيو.

عدالت واضح ڪيو ته اها مقرري آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ٿي، ميمبر کي نٿو هٽائي سگهجي، فواد چوڌري جي پارٽي به ان مقرري ۾ شامل هئي، ان وقت پارلياماني ڪميٽي اها مقرري ڪئي، هن عدالت تي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ لازمي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.