ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي نئين ڪٽ ۾ نئون ڇا آهي؟ ڏسو وڊيو ۾

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ  ڪٽ جي باضابطا مهورت ڪري ڇڏي آهي.

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پاڪستاني ڪٽ جي مهورت پي سي بي خاص ويڊيو ذريعي ڪئي جنهن ۾ بابر اعظم، شاداب خان ۽ نسيم شاهه سان گڏ وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي پليئرز فاطمه ثنا ۽ ڪائنات امتياز پڻ حصو ورتو.

عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪٽ ۾ بنيادي ڪلر گهرو سائو آهي جڏهن ته هلڪي سائي ۽ ڦڪي رنگ جو استعمال ڪندي ٿينڊرز جي ٿيم پڻ شامل ڪئي وئي آهي.

پي سي بي گڏوگڏ ڪليش ڪٽ پڻ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڊارڪ گرين ۽ لائٽ گرين جو ڪلر استعمال ڪيو ويو آهي، ڪليش ڪِٽ اهڙي صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي جڏهن ٻنهي ٽيمن جي ڪٽس جو ڪلر هڪجهڙو هجي، اهڙي صورتحال ۾ هڪ ٽيم پنهنجي ڊيزائن ۾ ڪلر اسڪيم کي تبديل ڪندي ڪليش ڪِٽ استعمال ڪندي آهي.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ لاءِ خاص ڪٽ پڻ ڊيزائن ڪئي آهي ۽ ان خاص ڪٽ ۾ ڊيزائن کي استعمال ڪندي ٻوڏ  متاثرن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.