هونڊا موٽرسائيڪل جو نئون ماڊل اڄ کان مارڪيٽ ۾ اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) هونڊا اٽلس موٽرسائيڪل جو 2023 ماڊل سي جي 125 مارڪيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ڊيلرز موجب نئون ماڊل اڄ کان مقامي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.

هونڊا ائٽلس نئين ماڊل ۾ نئين گرافڪس اسٽيڪر کانسواءِ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب ڄاڻايل ماڊل جو اگهه اڳ ئي گهڻو آهي جنهن سبب اگهه ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي ۽ سي جي 125 جو معيار 1 لک 79 رپيا آهي جڏهن ته سي جي 125 ايس اي 2 لک 10 هزار رپين ۾ دستياب هوندي.

ڊيلرز جو چوڻ آهي ته مقامي اسمبلرز کي پاڪستاني واهپيدارن کي جديد ڊيزائن ۽ معيار جي موٽرسائيڪلن جي رينج پڻ فراهم ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.