مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس  ۾ سرڪاري ٽي وي جو ايم ڊي راشد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر به جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن.

پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ن ليگ اڳواڻن خلاف لاهور جي گرين ٽائون ٿاڻي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيو آهي.

پنجاب جي گهرو وزير چيو ته سرڪاري ٽي وي جي ايم ڊي راشد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر کي پڻ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس دهشتگردي ٽوڙ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي.

هاشم ڊوگر چيو ته ڪنهن کي به مذهبي نفرت ڦهلائڻ ۽ تشدد تي ڀڙڪائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.