مخدوم  احمد ۽  جهانگير ترين کير کنڊ،  پ پ جي وڏي فتح

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ پيپلز پارٽي مضبوط ٿيڻ طرف  اهم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڏينهن را ت محنت ڪري  پ پ اڳواڻ مخدوم احمد محمود ۽ جهانگير ترين خاندان ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي.

ٻنهي خاندانن ۾ ڪافي وقت کان ناراضگي هئي، جڏهن ته رحيم يار خان مان پي ٽي آءِ جي چونڊيل ايم اين اي مبين به پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي واضح امڪان آهن ته  جهانگير ترين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

جنهن سان پ پ توڙي جهانگير ترين ٻنهي کي سياسي طور   وڏو فائدو پهچندو، ان سان گڏ ڏکڻ پنجاب ۾ يوسف رضا گيلاني کي فائدو پهچندو. ڇوته جهانگير ترين جو ڏکڻ پنجاب ۾ وڏو اثر رسوخ آهي ، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ تبديلي جي لاءِ به جهانگير ترين  اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.