سيوھڻ جي ڳوٺاڻن پاران ريل پٽڙي کي ڪٽ جو مطالبو

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) منڇر ۾ لاٿ جاري آهي، ليول گهٽجي 120.8 تي پهچي وئي آهي، سيوھڻ تعلقي جي عوام جا اھنج نه گهٽيا، ضلعي انتظاميا به ٻوڏ متاثرين جي امداد نه ڪري سگهي، سست رفتاري سان پاڻي لھڻ ڪري ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ آراضي ۽ پڪا چنا وٽان ريلوي ٽريڪ کي ڪٽ ڏيڻ جو مطالبو، خبر موجب سيوھڻ تعلقي مان منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ جي پاڻي جو ڪيترن ئي ڳوٺن مان لاٿ جو سلسلو سست رفتاري سان جاري آهي جنهن ڪري متاثر ڳوٺاڻن جون تڪليفون گھٽجي نه سگهيون آهن، ٻئي طرف انتظاميا پاران متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن، عوام تائين ٻيڙيون ۽ ٻيو رليف جو سامان پھچائڻ جو ڪم پڻ نه ھجڻ برابر ھجڻ ڪري ٻوڏ ۽ مھانگائي جو سٽيل عوام اذيت واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهي،  ٻئي طرف منڇر ڍنڍ ۾ پڻ پاڻي جو لاٿ جو عمل سستي سان جاري آهي، آبپاشي  کاتي جي ذريعن موجب منڇر جي سطح ۾ 24 ڪلاڪن اندر 3 ڊيسي مل جي گهٽتائي اچڻ بعد منڇر جي سطح 120.8 آر ايل تي پھتي آهيم . ھوڏانھن سيوھڻ تعلقي جي متاثر ڳوٺن باغ يوسف، آراضي، سانوڻ پنھور، بختيارپور، ميان موٽڻ، سھتا سئنچ، بوبڪ ۽ واھڙ جي ڳوٺاڻن ڳوٺن مان منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي سست رفتاري سان درياه ۾ وڃڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ سرڪار ۽ ريلوي انتظاميا کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳوٺن جي ڀر ۾ موجود ريلوي ٽريڪ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي، ان ڪري فوري طور ڳوٺ آراضي ۽ ڳوٺ پڪا چنا وٽان ريلوي ٽريڪ کي ڪٽ ڏئي پاڻي کي درياهه تائين پھچڻ جو رستو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.