هٿرادو ٻوڏ جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ جوڙي وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي واهر ۽ بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻي غير ضروري پروٽوڪول ۽ دفاعي خرچ گھٽائي پاڪستان ۾ ماحولياتي تباهي سبب مرندڙ ڪروڙين انسانن جون زندگيون بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاء وٺي ڊيم ختم ڪري، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد انفراسٽرڪچر جوڙيو وڃي. هٿرادو ٻوڏ آڻڻ جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ جوڙي وڃي جيڪا غيرقانوني ڪٽن جي جاچ ڪري، هٿرادو ٻوڏ ذريعي هزارين قتل ٿيل انسانن ۽ 3 ڪروڙ کان مٿي انسانن جي دربدري جي ذميوار پي پي جي اڳواڻن آبپاشي وزير، سيڪريٽِري، ڪامورن ۽ ٻين ذميوارن کي ڦاسي جون سزائون ڏنيون وڃن. سنڌ حڪومت جن پئسن ۾ ٻوڏ متاثرن کي سندن علائقن ۾ گھر ٺاھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي. انھن پئسن مان ملير ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ رھائشي اسڪيم شروع ڪرڻ، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جون سموريون فيون ايندڙ ٻن سالن تائين معاف ڪري کين فلڊ اسڪالرشپون ڏيڻ، تعليمي سرٽيفڪيٽ مفت ۾ جاري ڪرڻ، ٻوڏ متاثر خاندان کي 50 لک روڪ رقم ۽ گھر ٺھرائي ڏيڻ ۽ اين ڊي ايم اي جي موجوده ڪرپشن نواز جوڙجڪ کي ختم ڪري، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ماحولياتي سائنس جو سٺي ساک رکندڙ ڪنهن ماهر پروفيسر کي مقرر ڪرڻ سميت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاء ٻيون قراردادون منظور ڪيون ويون. ڪالهه عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪريو ڪانفرنس ۽ عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جو ضلعي ڪنوينشن جو پروگرام حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر سرمد راڄپر، جنرل سيڪريٽري ابرار ابڙو، جنرل سيڪريٽري ابرار ابڙو، جوائنٽ سيڪريٽري حئي ڀٽو، ماليات سيڪريٽري امتياز جتوئي، ميڊيا سيڪريٽري هاشم راڄپر، آفيس سيڪريٽري شاهنواز لغاري، ثقافت سيڪريٽري گيانچند، ليگل سيڪريٽري اشوڪ ڪمار، ميمبرن ۾ سليم ٻڌ، ماما غلام محمد بروهي، الطاف راهوجو، اقبال عباسي، مهر علي ٻٻر ۽ سڄڻ شاهاڻي چونڊيا ويا. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمراه سمون، ماهه نور ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙو، خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته سنڌي عوام جا ٻچا بک وگهي مري رهيا آهن  اسان کي توپن ۽ بندوقن جي نه پر پيئڻ جي پاڻي ۽ ماني جي ضرورت آهي. هٿرادو ٻوڏ ذريعي بک ۽ بدحالي آڻي ملڪ دشمن قوتون سنڌي عوام تي حملا آور ٿيون آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي جوڙجڪ ئي غيرقانوني آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري ۾ ڪو به ماحولياتي ماهر موجود ناهي، ڪو به ميڊيڪل اسپيشلسٽ ناهي. اين ڊي ايم اي آفتن جي نالي ۾ فنڊ هڙپ ڪرڻ لاء ٺاهيو ويو آهي. عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته اسان کي هٿ وٺي مارڻ جي سازش ڪندڙ حڪمرانن کي جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي چيو ته هنن حڪمرانن وٽ کاڌ خوراڪ ۽ مڇردانين سميت سموريون ضروري شيون موجود آهن. جڳ جهان مان هنن کي پئسن توڙي سامان جي امداد ملي آهي پر هو عوام کي نٿا ڏين. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي. عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر چيو ته عوامي تحريڪ جي قيادت ڪي اين شاهه، واره ۽ ٻيا شهر ٻڏڻ کان اڳ ئي ڊي سي حيدرآباد ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي درخواستون ڏئي ٻوڏ متاثرن کي حيدرآباد ۾ رهائڻ لاءِ زور ڀريندي رهي پر ڊي سي حيدرآباد ۽ ڪمشنر حيدرآباد چوندا رهيا ته حيدرآباد ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي رهڻ نه ڏبو. جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن جي انتظاميا کي غيرجمهوري قوتن طرفان حڪمناما مليل آهن ته سنڌي ماڻهن کي سندن شهرن مان ائين ڌڪي ڪڍو جيئن اسرائيلي فوج فلسطينين کي فلسطينين جي ڌرتي تي رهڻ نٿي ڏئي. هن چيو ته حيدرآباد ضلعي جي انتظاميا اڃا تائين ٻوڏ متاثرن جي واهر ناهي ڪئي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمراه سمون چيو ته عالمي ميڊيا تي رپورٽ ٿي رهيو آهي ته ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ هزارين عورتون حمل سان آهن، بک وگهي انهن جو يا ته حمل ضايع ٿي رهيو آهي يا ته تازا ڄمندڙ ٻارڙا ڪجھ ڏينهن اندر ئي فوت ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي غير جمهوري قوتن غيرقانوني طور ڊيم ٺاهي سوڪهڙي ۾ سنڌ سڪائي ۽ وسڪاري ۾ سنڌ ٻوڙائي هڪڙي پاسي سنڌي عوام جو معاشي قتل عام ڪيو آهي ته ٻي طرف وري وبائي بيمارين، ٻوڏن جي پاڻي ۾ ماڻهو ٻوڙي ۽ مائرن جي پيٽن ۾ پلجندڙ ٻسرڙن جو پڻ بک وگهي قتل عام ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شعور دائود پوٽو چيو ته کٿڙ ٻيلي ۽ گنجي ٽڪر جي تاريخي ماڳ سميت حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضا ڪري افغانين بنگالين ۽ بھارين کي رھايو ويو آھي. سميع ابڙو چيو ته يونورسٽين جي داخلا ۾ حيدرآباد ٻھراڙي جي ڪوٽا وڌائي شھر جي برابر ڪئي وڃي. حيدرآباد ٻهراڙي ۾ پوائنٽ بسن جي سهولت ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.