بلاول ڀٽو پاران شهيد مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس 68هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو انتهائي بهادر ۽ ڪڏهن هار نه مڃيندڙ جذبي سان مثالي اڳواڻ هو.پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سڄي زندگي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.هن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو عزم، حوصلو، ثابت قدمي، جدوجهد ۽ ڪارڪن دوستي اسان لاءِ مشعل راهه آهي.بلاول ڀٽو موجب شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيالن ۽ پاڪستاني عوام جي دلين ۽ تاريخ ۾ سدائين جيئرو رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.