برطانوي راڻي جون آخري رسمون، عالمي اڳواڻن جي لنڊن آمد جو سلسلو جاري

لنڊن (م ڊ) برطانيا جي آنجهاني راڻي ايلزبٿ ٻئين جي آخري رسمن لاءِ عالمي اڳواڻن جي لنڊن آمد جو سلسلو جاري آهي. +فرانسيسي خابرو اداري مطابق راڻي ايلزبٿ ٻئين جون آخري رسمون (اڄ) سومر 19 سيپٽمبر تي ادا ڪيون وينديون، ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ 2 هزار کان وڌيڪ مهمانن جي شرڪت متوقع آهي. راڻي ايلزبٿ ٻئين جي آخري رسمن ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن، فرانس جو صدر ايمانويل ميڪرون، آسٽريليا، ڪيناڊا، جميڪا جا اڳواڻ ۽ جاپان جو شهنشاهه پڻ شرڪت ڪندو. بيجنگ جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ جاري بيان ۾ چيو آهي ته برطانوي حڪومت  جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خاص نمائندو نائب صدر وانگ چيشان لنڊن ۾ ٿيندڙ راڻي ايلزبٿ ٻئين جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.