زيرو پوائنٽ کي ڪٽ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان

جھڏو(ن ع آ) نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڀيل چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرين جي واهر ۾ مڪمل طور ناڪام وئي 8 آهي، هٿرادو گھارا هڻي سنڌ جي عوام کي ٻوڙي رستن تي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي، نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڀيل، مڌر آف پيس جي ٽيم سان گڏجي ٽنڊو جان محمد، باءِ پاس، کاکڙ، ڪواٽر اسٽاپ، انب ڀيل، پونجو ڀيل جي ٻوڏ متاثرين ۾ راشن، صاف پاڻي، مڇردانيون ۽ ٻارڙن ۾ بسڪيٽ ورهايا ويا، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاتل سم نالي ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ تان ڪٽ ڏئي اڌ سنڌ کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، اڪثريتي عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي، جلد پاڻي جي فطري گسن تي قبضن خلاف سينئر وڪيل دوستن، سنڌ دوست سياسي، سماجي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ قومپرست ڌرين سان صلاح مشوري بعد قاتل سم نالي ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ تان ڪٽ ڏياري اڌ سنڌ کي وڌيڪ تباهي کان بچائڻ ۽ پاڻي جا فطري گس مستقل طور بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.