ڪوٽڙي ۾ گٽر اٿلڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف هزارين ماڻهن جي ريلي، ڌرڻو

ڪوٽڙي(رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي شهر گٽرن جي پاڻي جي ور چڙھي ويو، گندگي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي سميت مسئلن جي حل لاءِ اڳوڻي ايم پي اي ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان حوالي سان تفصيل موجب تاريخي شھر ڪوٽڙي ميونسپل انتظاميا توڙي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب گٽرن جي پاڻي جي ور چڙھي ويو آھي، گذريل مهيني کان شھر جا مک ڪاروباري علائقا المدينا چوڪ، لطيف چوڪ، لياقت روڊ، نانگو لائين سميت ٻيا علائقا گٽرن جي پاڻي جي ھيٺ اچي ويا آھن، ان سلسلي ۾ اڳوڻي ايم پي ايم ۽ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر شورو، اڳوڻو ضلعي وائيس چيئرمين صادق شورو جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين شورا ھائوس ڪوٽڙي کان احتجاجي ريلي ڪڍي، شهرين شھر جو گشت ڪري المدينا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر سڪندر شورو، صادق شورو،  بادشاھ ميمڻ، حسين خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ميونسپل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب سڄو شھر گٽرن جي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي جنھن سبب شھري سخت ڏکيائين جو شڪار آھن پر ھتان جا چونڊيل نمائندا توڙي ڊي سي ڄامشورو صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن، ھنن مطالبو ڪندي چيو ته شھر کي فوري طور تي گٽرن جي پاڻي کان صاف ڪري شھرين کي مشڪلات کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي اندر احتجاج ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.