ڪلوئي ڀرسان بااثرن جي گينگ ريپ جو شڪار ناري جرڳي بعد آپگهات ڪري ڇڏيو!

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ ) ڪلوئي ڀرسان بااثرن جي گينگ ريپ جو شڪار ناري انصاف نه ٿيڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو،  ان حوالي سان تفصيل موجب شاھ موري وٽان چار ڏينهن اڳ نوجوان ناري کي 3 بااثر جوابدار ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا، جن زبردستي زيادتي ڪرڻ بعد 6 ڪلاڪن کانپوءِ ڳوٺ کان چار ڪلو ميٽر پري اڇلائي فرار ٿي ويا هئا، ڪالهه انصاف نه ٿيڻ تي ناري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ناري سان مبينا زيادتي ڪرڻ واري واقعي بعد تر جي وڏيرن پاران جرڳو ٿيڻ پڻ انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب ناري جي ڪالهه سندس مائٽن ۾ مڱڻي جو پروگرام پڻ رکيل هو، ان کان اڳ هن انتهائي قدم کڻي ڇڏيو، وارثن پاران علائقي جي معززين کي دانهون پڻ ڏنيون تنهن باوجود تدارڪ نه ٿيو ، ناري جي ڀاءُ  زاهد سومرو چيو ته منهنجي والد صاحب جي فوت ٿيڻ بعد آئون نوڪري جي لاءِ ڪاغذ ٺهرائڻ لاءِ حيدرآباد ويل هئس، پٺيان نامعلوم ماڻهن چار ڏينهن اڳ منهنجي ڀيڻ کي کڻي ويا ۽ بعد ۾ چار ڪلو ميٽر اڳيان ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو ته ناري روڊ تي روئي پئي ۽ رڙيون پئي ڪري، ان واقعي خلاف علائقي جي معززين کي دانهون ڏنيون، اڄ صبع جو ڀيڻ افشانه زهريلي دوا پي ڇڏي، کيس مٺي کڻي وڃي رهيا هئاسين ته وچ رستي ۾ فوت ٿي وئي، ذريعن موجب ناري سان مبينا زيادتي ڪرڻ بعد تر جي وڏيرن جرڳو ڪري وارثن تي خاموش رھڻ لاءِ دٻاءُ وجهي خاموش ڪرائي ڇڏيو، ناري سان انصاف نه ٿيڻ بعد ناري زھريلي دوا پي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، جرڳي جو لکت جو پنو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي جنهن ۾ جرڳو ڪرائڻ ڌرين جا نالا صحيحون اين سي نمبر پڻ لکيل آهن، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي علي حسن چانگ  چيو ته آئون ايل بي او ڊي سم نالي تي ڊيوٽي تي آهيان اي ايس آءِ کي موڪليو آهي، هوڏانهن ناري جو لاش ڏيپلو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.