اوٻاوڙو ۾ مليريا وگهي معصوم ٻارڙو فوت، احتجاج

اوٻاوڙو (رپورٽ: بشير احمد ملڪ) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ امام الدين پنهيار ۾ مليريا سبب گلن جهڙي ٻن ورهين جي سلام ولد اڪبر پنهيار زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته اوٻاوڙو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مليريا سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا بيماري وٺجي ويا آهن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين موجب ڪيترائي ڀيرا گهوٽڪي انتظاميه ۽ اوٻاوڙو انتظاميا آڏو احتجاج ڪري دانهون ڪيون سين پر مڇر مار اسپري نه ڪرايو ويو آهي جنھن ڪري پوري علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.