ڪي اين شاهه ۾ بيوسي جو عالم، ٻڏي ويل گهر مان لاش هٿ، وڌيڪ 4 جنازا کنيا ويا

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: آزاد بخاري ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري  آهن، 19 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا شهر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، اڃ، بک ۽ بيمارين ۾ وڌيڪ ٽن ٻارڙن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، تفصل موجب خيرپور ناٿن شاهه ۾ 19 ڏينهن گذرڻ باوجود ايم آر ڊي جي شهيدن جي تاريخي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي انتظاميا جي ناهلي ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي جي ڪارڻ نيڪال ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ايف پي بند، سپريو بند، ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ  ۽ رائيس ڪئنال کي لڳل گهارا بند ناهن ڪرايا ويا آهن، رائيس ڪئنال جو پاڻي ڳوٺ خوشالاڻي سامهون شهر طرف وهي رهيو آهي سوين ڳوٺن بندن ۽ شهر ۾ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر مليريا گيسٽرو جهڙين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل هجڻ جي ڪري هڪ ڏينهن ۾ ٽن ٻارڙن سميت چار ڄڻا بک بيمارين ۾ فوت ٿي ويا آهن ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ ٻوڏ متاثر گلزار ڀٽو جو 6 ورهين جو نينگر شيراز گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڳوٺ مٿان راهوجا ۾ ٻوڏ متاثر قمبر چانڊيو جو پٽ 13 ورهين جو سمير مليريا بخار ۾ سيوهڻ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، خيرپورناٿن شاهه شهر جي رهواسي علي نواز ٻگهيو جي 6 ورهين جي نياڻي مليريا سبب حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته گذريل رات دير سان شهباز ڪالوني ۾ ڍول فقير ساکاڻي جي نالي سان شخص ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل گهر اندر ڪمري ۾ فوت ٿي ويو لاش بدبوءِ ڪري وڃڻ پاڙي وارن گهر اندر گهڙي لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، فوتي شخص جا وارث ۽ اڳوڻو ڪائونسلر اعظم چانڊيو ۽ ٻيا پهچي لاش کي غسل ڏئي مين روڊ تي جنازي نماز بعد لاش پرائيوٽ ٻيڙين ذريعي کڻائي ويا، شهرين شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي، سماجي اڳواڻ شير گاڏهي، جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ حافظ حاجن لغاري، سماجي اڳواڻ عابد ٻٻر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته خيرپورناٿن شاه ۾ هر روز بيوسي جي عالم ۾ جنازا کڄن ٿا پر هن تعلقي جي عوام جو صوبائي توڙي ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، هر روز ماڻهو بک بيمارين ۾ مري رهيا آهن، سوين عورتون مرد معصوم ٻارڙا مليريا گيسٽرو خارش پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، صوبائي وزير صلاحڪار صرف بيانن تائين محدود آهن شهري توڙي ڳوٺاڻا نڌڻڪا ٿي ويا چونڊيل نمائندا پ پ جا مقامي عهديدار ضلعي انتظاميا مڪمل خيرپورناٿن شاه جي عوام کان لاتعلقي ڪري ڇڏي آهي، اسين چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون نوٽيس وٺي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍرائي شهر ۾ بجلي گئس جي سهولت فراهم ڪري بندن کي پيل هٿرادو گهارن کي بند ڪرائي شهرين ڳوٺاڻن کي کاڌ خوراڪ دوائون پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري قيمتي انساني جانين کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.