پي ٽي آءِ ادارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي پارٽي ادارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي، ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلن جو وقت گذري چڪو آهي، پي ٽي آءِ ادارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي، ادارن سان سٺا لاڳاپا هوندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو، اميد آهي ته معاملو لانگ مارچ تائين نه پهچندو، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي خواهش آهي ته تاحيات ملڪ ۾ روڊ بڻائي، منهنجو خيال آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون جماعتون هاڻي چاهين ٿيون ته حڪومت ختم ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.