لاڙڪاڻي ۾ ناڪاره ڊرينيج نظام ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو

تحرير: مرتضيٰ ڪلهوڙو

لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي مليل اربين روپين مان شهر جو انتظاميه پاران ڊرينيج نظام به بهتر نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري لاڙڪاڻي مان هن وقت تائين برساتي پاڻي نڪري نه سگهيو آهي ۽ ڪيترائي پاڙا هن وقت به ٻوڏ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب لاڙڪاڻي ۾ ٽائون پلاننگ کاتو ڪيتري ئي عرصي کان غيرفعال نظر پيو اچي. ٻڌايو وڃي ٿو ته شهر جي رٿابندي پاڻي جي نيڪال واري نظام ٽائون پلاننگ سان ڪئي ويندي آهي پر لاڙڪاڻي ۾ حڪمرانن گنگا کي ابتو وهائي 15 سالن جي اندر مليل اربين روپين مان ڊرينيج نظام نه ٺهرائي شهرين کي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. هوڏانهن اڳ ۾ لاڙڪاڻي شهر جا سمورا گندي پاڻي جا نيڪال وارا ڊسپوزل ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت هوندا هئا پر هاڻي اهي ڪجهه عرصو اڳ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي حوالي ڪيا ويا آهن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ناقص ڪارڪردگي سبب شهر جي 41 پاڻي جي نيڪال واري ڊسپوزلن جي گنجائش گهٽ هئڻ سبب پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي پاران ڊسپوزلن جي پاڻي واري نيڪال واري گنجائش نه وڌائي وئي جنهن ڪري لاڙڪاڻو شهر هن وقت موهن جو دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

پبلڪ هيلٿ کاتي جي ماتحت ڊسپوزلن مان ستون نمبر ناڪو، پير شير روڊ، ڦل روڊ وارا ڊسپوزل انتهائي ڪمزور حالت ۾ آهن. لاڙڪاڻي شهر جي وي آءِ پي روڊ سميت ڪيترن ئي روڊن کي هن وقت تائين ڊرينيج نه ڏني وئي آهي نه ئي ماهر انجنيئرن جي صلاح سان ڊرينيج جي نظام کي بهتر بڻايو ويو آهي. هوڏانهن پبلڪ هيلٿ کاتي پاران تازو پيل برساتن دوران وڏو عرصو ايس ايس پي چوڪ تي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ اتي عارضي طور ننڍي پمپنگ اسٽيشن لڳائي وئي آهي ۽ اتان 6 انچن جو پائيپ هاءِ ڪورٽ کي پٽي رائيس ڪئنال تائين آندو ويو آهي. پبلڪ هيلٿ کاتي پاران مستقبل جي پلاننگ به نه ڪئي وئي ۽ 12 انچ جو پائيپ نه لڳايو ويو آهي اها عارضي ڊرينيج پاڻي نيڪال جي ڪم جي ناهي.

لاڙڪاڻي شهر کي مڪمل طور تي ڊرينيج جو نظام ڏئي لاڙڪاڻي شهر ٻاهرين وهندڙ سم نالن جون کاٽيون ڪرائي انهن کي پڪو ڪيو وڃي. آبپاشي کاتي پاران لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ سم نالن جي کاٽي نه ڪئي وئي نه ئي 2010ع جي ٻوڏ مان سنڌ حڪومت ڪو سبق حاصل ڪيو ۽ نه ئي برساتي پاڻيءَ جا ڪي نوان گس ڏنا جنهن ڪري قدرتي آفت ۾ سڄي سنڌ هن وقت برساتي پاڻي جي وڏي مصيبت ۾ ڦاتل آهي.

دنيا جا سڌريل ملڪ عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ نيڪال جا سسٽم جديد قسم جا ٺاهيندا آهن پر هتي حڪومت توڙي انتظاميه ڪو به ڌيان نه پئي ڏئي ۽ لاڳاپيل ادارا مفلوج بڻيل آهن ڇاڪاڻ ته سياستدانن پنهنجا سفارشي ڪامورا لڳائي ڇڏيا آهن جن کي شهر جي پرواهه ئي ناهي. لاڙڪاڻي شهر جي رند ڪالوني، ٽي اين ٽي ڪالوني ۽ گلشن مدينه ڪالوني ۾ به هاڻي تلاءُ جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جون جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن پر ڪنهن کي به ڳڻتي ناهي ته اتان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. لاڙڪاڻي جي شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايماندار انجنيئرن جي ٽيم جوڙي لاڙڪاڻي شهر سميت سڄي سنڌ جو ڊرينيج نظام ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي ته جيئن سنڌ جو عوام ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن کان بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.