سرڪار جي لاءِ ڪو بھ” شارٽ ڪٽ“ ناھي

 

سنڌ ۾ برسات ۽ ان بعد آيل ٻوڏ ۾ لڙھي ويل سرڪار ۽ ان جي انتظاميھ اڃان تائين ڪنھن ڪنڌيءَ تي نڪري اچي ناھن سگھيون.ماڻھون بي گھر آھن،بکن ۾ پاھ  آھن،جئين جئين وقت گذري پيو انھن جا سور وڌندا پيا وڃن پر ڪنھن بھ ھنڌ تان ڪا اھڙي خبر نٿي اچي جنھن مان اھو تاثر ملي تھ سرڪار يا واري انتظاميھ ڪنھن بھ معاملي کي ڪنٽرول ڪري سگھي آھي.

جيتوڻيڪ سرڪار ۽ ان جا وزير مشير اھو اعلان ڪن پيا ۽ اھا دعويٰ پڻ سامھون اچي رھي آھي تھ اھي برسات ۽ ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا بھ ڪسر نھ پيا ڇڏين پر سموري سنڌ ۾ اڄ پڻ ماڻھون احتجاج ڪن پيا.عوام جون رڙيون آھي تھ کين امداد نٿي ملي.چيو اھو پيو وڃي تھ ڪروڙ کان گھڻا ماڻھون متاثر ٿيا آھن،لکن جي حساب سان بي گھر ٿيا آھن،سندن لڙھي ويل يا ٻڏي ويل ملڪيتن جو ڪو ڪاٿو نھ لڳي سگھيو آھي،پر سرڪار انگ اکرن موجب جيترا بي گھر ٿي ويا آھن انھن مان اڌ جيترن کي بھ نھ خيما مليا آھن نھ ئي انھن کي راشن ٿو ملي نھ ئي انھن کي متاثرن جي ڪنھن خاني ۾ شمار ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ھن وقت بھ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھون ساڳين سورن ۾ آھن، پاڻيءَ لڳ اڀري سڀري حال سان زندگيءَ  جي انتھائي ڏکين حالتن سان جھيڙيندڙ ھڪ وڏي خلق ھن وقت نھ رڳو عدم تحفظ جو شڪار ٿي وئي آھي بلڪھ اھا غيرمحفوظ خوراڪ،غير محفوظ رھائش جي ڪري نفسياتي ۽ جسماني بيمارين ۾مبتلا ٿي رھي آھي.

سرڪار ۽ انتظام ھلائنيدڙ ڪامورا انھن جي ڪنھن بھ دانھن کي سمجھڻ ۽ انھن تي ڪن ڌرڻ کان قاصر نظر اچي رھيا آھن.

سنڌ جي متاثر ٿيل ضلعن،ٻڏي ويل رستن،تباھ حال علائقن ۾ بي يارو مددگار ٿي ويل ماڻھون جي مسئلن ۾ ھاڻي وري پيدا ٿيل بيماريون ھنن جي انتھائي ڏکي بڻجي ويل ۽ ھر سھولت کان  محروم ڪيل زندگيءِ جا ڏينھن پڻ گھٽائي رھيون آھن.

ٽڙيل پکڙيل علائقن ۾ حيران ۽ پريشان ٿي ويل ماڻھن ۾ غذا جي کوٽ،بعد صحت جي لحاظ سان انتھائي ھاڃيڪار بڻجي ويل حالت ۾ رھيل ماڻھن ۾ وري پيٽ.چمڙيءَ جون بيماريون پيدا ٿي ويون آھن.مٿان وري ظلم اھو آھي تھ انھن ماڻھن جي دوا درمل جي لاءِ ڪيل ڪوششون ناڪافي ٿي رھيون آھن،روزانو موت جو راڪاس ٻوڏ م مرڻ کان بچي ويل ماڻھن مٿان لامارا ڏئي رھيو آھي. ميڊيا جي رپورٽن مان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب روزانو درجن کن ماڻھون زندگيءِ جي جنگ ھارائي رھيا آھن.جن جي لاءِ ڪفن دفن لاءِ پڻ ڏتڙيل ماڻھون پريشان ٿي رھيا آھن.

دعوائن ۽ اعلانن کان اڳتي وڌي ڪري عمل جي ميدان ملھائڻ جي ضرورت آھي،سرڪار جي ھن وقت بھ ماڻھن جي سار لھڻ جي لاءِ چر پر نھ ڪئي تھ اسان ھڪ تاريخي تباھي جي ڪناري ڏانهن ڌڪجي وينداسين،جتان اٿڻ ۽ اڀي ٿيڻ ۾ وري ورهيه لڳي ويندا.

توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار ۽ ان جا ڪامورا اڳتي وڌي عوام جي مڪمل سار لھندا ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ رستو نھ آھي جنھن کي ”شارٽ ڪٽ“  چئجي ٿو.

 

مھانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سرڪار ناڪام

 

سموري ملڪ م ٻوڏ کانپوءِ روز نوان مسئلا ڪر کڻي رھيا آھن،پر انھن ۾ مھانگائي وارو جن سڀني کان اڳتي نڪري ويو آھي،حڪمرانن وٽ اھڙو ڪوبھ عمل ناھي جو ان جن کي بوتل ۾ بند ڪري سگھي.

دنيا ۾ ڪورونا جي وبا ۽ عالمي ملڪن جي جنگين سان اڳي ئي توانائي جو بحران مھانگائي وڌائڻ جي لاءِ ھڪ اھم بھانو موجود جو مٿان وري موسمياتي تبديلي جا اثر پڻ پڌرا ٿيڻ لڳا آھن.جنھن جو پھريون نشانو پاڪستان جھڙو اسرندڙ ملڪ بڻيو آھي.پاڪستان ھڪ اڳي ئي معاشي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي ھڪ ڊگھي تاريخي جبر مان گذري رھيو ھو جو ھاڻوڪي معمول کان وڌيڪ برساتن ھڻي حال ئي پورا ڪري ڇڏيا،باقي جيڪا ڪسر رھيل ھئي اھا سرڪار پوري ڪئي آھي.

اسان جھڙي معيارن،قاعدن ۽ قانون کان واجھيل ملڪ ۾ اھو رواج آھي تھ جڏھن بھ ڪي ھنگامي حالتون پيدا ٿين ٿيون تھ مھانگائي جو زور وڌي ٿو وڃي.بيساکين جي سھاري آيل ھر حڪومت اليڪشن کان اڳ ڪيل ڪنھن بھ واعدي تي عمل ڪرائڻ کان قاصر رھندي آئي آھي.ھاڻوڪي سياسي اتحادين جي حڪومت بھ اڳوڻي حڪومت جي پيدا ڪيل مھانگائي سببب عوام جي ڏکن ۽ سورن ۾ ٿيل اضافي کي گھٽائڻ جي اعلان سان اقتدار جون واڳون سنڀاليون ھيون پر ان تي نھ رڳو عمل نھ ٿيو الٽو ھر سسٽم پنھنجي پٽڙي تان لھي رھيو آھي.

شروع ۾ چيو ويو تھ ھي جمھوري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عوام ٿوري قرباني ڏئي.ان بعد چيو ويو تھ اجھو عالمي مالياتي اداري سان ليکو ڪري قرض حاصل ڪريون تھ مھانگائي جي جن کي قابو ٿا ڪريون.ان بعد روز نوان نوان بھانا عوام کي ٻڌائي چيو ٿو وڃي تھ جيئن تھ دنيا ۾ توانائي جي کوٽ ٿي آھي ان ڪري سموري دنيا ۾ مھانگائي آھي سو ان کانسواءِ ڪو چارو ناھي ڪا واھ ناھي.

عوام ھن وقت ٻن ويلن جي لاءِ بھ پريشان آھي،برساتي ٻوڏ سموري ملڪ جو اسٽرڪچر ويھاري ڇڏيو آھي،عام ماڻھون جي ڪمائي ڌمائي جو سمورو سسٽم وڏي پئماني تي متاثر ٿي ويو آھي،مھانگائي آھي جيڪا ھن سرڪار کان ڪنٽرول ئي نھ پئي ٿئي.

اڳي ئي عام واھپي جي شين جا اگھھ چوٽ چڙھيل ھئا،جنھن ۾ ھر نئين ڏينھن واڌ ٿيڻ ڪري ھڪ عام شھريءَ جي اڳي ئي آئوٽ ٿي ويل بجيٽ صفا خساري ۾ وڃي رھي آھي.انھن حالتن ۾ سرڪار ي کاتو صرف اھو اطلاع ڏيڻ پنھنجو فرض سمجھي ٿو تھ مھانگائي جي ھي پوزيشن آھي.

شماريات کاتي مهانگائيءَ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنھن ۾هفتي دوران 30 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، مڱن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ 8 رُپيا 31 پئسا، في درجن آنن جي قيمت 7 رپيا وڌيا، ويهه ڪلو اٽي جو ٿيهلو هڪ هفتي دوران 25 رُپيا 41 پئسا مهانگو ٿيو، ماش جي دال جي في ڪلو اگهه ۾ 6 رُپيا 34 پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته گوشت ٻه رُپيا مهانگو ٿيو. هفتي دوران 10 شين ۾ لاٿ ۽ 11 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ 0.19 سيڪڙو جي معمولي لاٿ آئي جڏهن ته مهانگائي جي هفتوار شرح  40.58 سيڪڙو رهي.

ان جو ھڪڙو ئي مطلب ٿيو اھو ھيءُ تھ غريب عوام جي چمڙي ابتي ڪاتي سان لاٿي پئي وڃي.

اسان جو عرض ھي آھي تھ سرڪار جيڪا مھانگائي تي ضابطي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آھي ان جو بھ عوام کي ڪجھھ ٻڌايو وڃي يا عوام پاڻ ئي سمجھي وڃي تھ  سرڪار مھانگائي گھٽائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.