ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کان لاتعلق بڻيل عمران خان۔

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل تازو جڏھن پاڪستان جو ٻن ڏينھن وارو ھنگامي دؤرو ڪيو ته ٻوڏ۽برسات متاثرن جي حالت ڏسي کيس چوڻو پئجي ويو ته مون ھن طرح جي ٻوڏ۽برسات پنھنجي زندگيءَ ۾اڳ نه ڏٺي آھي۔جنھن۾ڪروڙين ماڻھون،لکين جانور،پکي۽گھر متاثر ٿيا آھن۔ملڪ جي معاشيات۽مواصلات تباهه ٿي وئي آھي،پوکيل فصل پنجانوي سيڪڙو ختم ٿي ويا آھن ۽ ايندڙ موسم جي فصلن پوکڻ جي اميد به گھڻي گھٽ آھي،پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي،جنھن جي معاشيات جو اسي سيڪڙو دارومدار به زراعت تي آھي،ھينئر سندس زراعت مڪمل طور تباهه آھي،تازيون برساتون۽ٻوڏ بلڪل غير معمولي موسمياتي تبديلين جو ڪارنامو آھن،اھي غير معمولي موسمي تبديليون دنيا جي ملڪن جي نڪرندڙ ڪاربان گئس جو نتيجو آھي،جنھن۾پاڪستان حصو ھڪ سيڪڙو به ڪونھي،پاڪستان کي ھئ سزا دنيا جي ملڪن جي نڪرندڙ امونيا جي ڪري ملي رھي آھي،ان ڪري ھاڻي اھا ذميواري به دنيا جي سڀني ملڪن جي آھي ته ھو ھن مشڪل وقت۽تباھيءَ ۾پاڪستان جي مدد ڪن،

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي ھن زوردار اپيل کي سٺو ورنايو آھي،مگر سندس بقول ٽيھه ارب جي نقصان جو پورائو مليل موجوده امداد مان ته نٿو ڪري سگھجي۽نه وري ملڪ کي سموري نقصان جي پورائي لاء رڳو دنيا ڏي ڏسڻ گھرجي،ان ڪري اڳي پوءِ ھر حال۾ملڪ۽ماڻھن کي پنھنجن وسيلن ۽محنت تي ڀاڙڻو پوندو،ڇو ته پنڻ مان اڄ تائين ڪنھن به پل نه ڀريا آھن،ملڪ جون ٻھراڙيون ھينئر مڪمل طور تي روڊن،رستن۽بندن تي آھن،جيڪڏھن رڳو ذميواري دنيا تي رکي ويھي رھنداسين ته پنھنجي متاثر ماڻھن جا سور ته سھنجا ڪونه ٿيندا،ھمٿ مردان مدد خدا وارو قول ئي ڪم ايندو،ھن ڏکئي وقت۾سرڪار،خيراتي ادارا، فلاحي تنظيمون ۽مخير ماڻھون پنھنجي سطح تي سٺو۽اثرائتو ڪم ڪري رھيا آھن،ليڪن انھن سڀني کان وڌيڪ اثرائتو ۽منظم ڪم سرڪار جو ھجڻ گھرجي،جيڪو دعوائن جي ابتڙ عملي ميدان۾گھٽ ٿو نظر اچي،

ڪنھن به آفت جي اچڻ وقت قدرتي طور ماڻھن جون نظرون ۽اميدون سرڪار۾ھجن ٿيون،پر افسوس ته انھن سرڪاري امدادي ڪمن۾ھيٺان کان وٺي مٿي تائين بد نظمي۽بد انتظامي اتم نظر اچي ٿي،سرڪار سرمايو۽سامان به ڪافي ڏئي ٿي،مگر ورھاست جو اڻ پورو۽غير شفاف انتظام ان کي ڪامياب ڪرڻ نٿو ڏئي،ڪنھن کي ڍؤته ڪنھن کي بک وارو ڪم آھي،ماڻھن جو ھينئر اول مسئلو مٿي ڇانو،کاڌ خوراڪ،۽ٽيون آبادين،شھرن۽ڳوٺن مان بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ آھي،جيئن ماڻھون پنھنجن سڪل پڊن تي عارضي اجھا اڏي ٻچڙن کي آباد ڪري سگھن،

موجوده سياسي صورتحال۾سياسي قوتن جي اھا اخلاقي ذميواري حد کان به وڌي وڃي ٿي ته ھن ڏکئي وقت ۾پاڻ۾گڏجڻ گھرجي۔۔خاص طور تي سياسي جماعتون،مذھبي جماعتون،سماجي تنظيمون۽رضاڪار ادارا ھڪٻئي سان رابطو ڪن ۽ ضرورتمندن وٽ واھر لاء پھچڻ ضروري آھي،جيتري ذميواري سرڪار۾ شريڪ جماعتن تي آھي،عوامي حلقن پاران انھن تي تنقيد به اوتري ئي ٿيندي۽ٿي رھي آھي،وزير اعظم،وزير اعلي،وزير۽سندن سياسي جماعتن جا عھديدار، ته گھٽ وڌ رفتار سان ميدان۾عوام سان ڪي قدر جڙيل آھن،مگر اھو گھڻي ڀاڱي ڏيکاءَ جي حد تائين آھي،جيتري ذميواري۽جذبي سان سماجي ۽خيراتي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن ،اھو ساڳيو جذبو جيڪڏھن سرڪاري مشينري۽سياسي ڪارڪنن۾به ھجي ته ماڻھن جي اھنجن ۽ايذائن۾ڪافي ڪمي اچي سگھي ٿي،

گھڻي ڀاڱي امدادي اجھن ٻاھران سماجي ادارائي نظر اچن ٿا،افسوس جي ڳالهھ اھا آھي ته ھن آفت جي گھڙين۾به سرڪاري ملازم۽مال ميڙو خوف خدا۽انساني ھمدرديءَ واري جذبي کان خالي دليون سينن۾سانڍيون ويٺا آھن،ڪيترن جج صاحبان خانگي گدامن۽ملن تي ڇاپا ھڻي دميل امدادي سامان ھٿ ڪيو آھي،ڪيترن دوڪانن تي سرڪاري امدادي سامان وڪرو ٿيندو ڏٺو ويو آھي،اھو بد انتظاميءَ جو ھڪ معمولي مثال آھي،ڪيترن زخيره اندوزن کي ته گرفتار به ڪيو ويو آھي،پر پوءِ به جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو ڪم آھي،سڌارو پوءِ به ڪونھي،ڪٿي ڪٿي ته ماڻھن موت ملوڪن مار وارو ڪم به لڳو پيو آھي،ھڪ طرف ماڻھون ٻڏي۽بيمارين وگھي مري رھيا آھن ته ٻئي پاسي جنھن کان جيترو وس پڄي ٿو اوترو ھٿ پير ھڻي ٿو وٺي،پاڻيءَ جي ٻڌ ڇوڙبه انفرادي طور خانگي ماڻھون پنھنجن ٻانھن جي ٻل تي ڪري رھيا آھن،جنھن جي نتيجي۾ڪير ٻڏي ٿو ته ڪير بچي ٿو، پاڻيءَ کي قدرتي لنگھن مان گذارڻ کي نه نظر ايندڙ قوتون روڪين ٿيون،جنھن سان وڌيڪ نقصان ٿي رھيو آھي،ڪٿي ڪٿي شھري ھمٿ ڪري عوامي مفاد تحت پمپنگ اسٽيشنن ذريعي پاڻي خارج ڪري رھيا آھن ته اڻ ڄاتل سببن ڪري سرڪار ناراض ٿئي ٿي، ڪٿي وري زبريون قوتون پنھنجا مفاد بچائڻ خاطر آباديون به ٻوڙايو ڇڏين،مگر ان سموري زيادتيءَ  ۾گھڻي ڀاڱي سياسي اثر رسوخ جو عمل دخل آھي،

ھن ڀيري ھن ھيڏي تباھئ ۾عوامي نمائنده عوام سان گڏ ھجڻ بجاء گم ٿيل ماڻھن جيان لڳا پيا آھن،سڀني سياسي ،سماجي،۽مذھبي تنظيمن روز مره جون سرگرميون روڪي  ٿورو ڪي گھڻو متاثرن سان ھمدرديءَ ۾آھن،مگر ھن سموري عمل۾ جيڪڏھن ميدان کان ٻاھر۽متاثرين کان الڳ ۽ لاپرواهه آھي ته بطور سياسي پارٽي تحريڪ انصاف۽ان جو سربراهه عمران خان آھي،عمران خان جي عوام ڏانھن غيرذميوار رويي مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي ته جيڪڏھن ھو وزير اعظم آھي ته ٺيڪ اگر حڪومت ۾ ناھي ته ملڪ۽عوام سان سندس ڪجھ به نه وڃي،پاڻ ڄاڻو پنھنجو ڪم ڄاڻو،ڏيڍ کان ٻه مھينا ٿي ويا آھن ته پي ٽي آء ۽سندس سربراهه عمران خان ٻوڏ۽برسات متاثرن جي وچ ۾ ھجڻ بدران شاندار جلسن۾ڪنٽينر تي سياسي مخالفن کي گاريون ڏيڻ۽لعن طعن ڪرڻ واري اھم ڪم ۾مصروف آھي،جتي ملڪ جا ساڍا ٽي صوبا پاڻيءَ ۾غرق آھن،اتي عمران خان ھيليڪاپٽر تي سياسي سير سفر ڪري رھيو آھي،ايڏي وڏي تباھئ جو جلسن۽تقريرن۾ذڪر ڪرڻ به مناسب نٿو سمجھي،ان سموري عرصي۾راجن پور ،ديره اسماعيل خان۽سکر۾ چند گھڙين لاءِ اچي شاندار ڪرسين تي ساھي پٽي ھليو ويو،سندس تنظيم۽اڳواڻ به ھن جي اڳ پٺ ڪرڻ ۾پورا آھن،

ڪي پي ڪي ۽،پنجاب۾سندس حڪومت۽سندس پسنديده وزيراعلي آھن،پر اتي عوام واھر لاء رڙيون ڪري رھيو آھي،  عمران خان جو ڀنجھر ئي نٿو ڀري،چوڻ وارا چون ٿا ته عمران خان جي ھڪ جلسي تي پندرھنکان ويھه ڪروڙ روپيا خرچ اچي ٿو،ان ٻوڏ۽برسات دؤران عمران خان مختلف شھرن۾ڏھن کان وڌيڪ جلسا ڪيا آھن،جنھن تي اٽڪل ڏيڍ کان ٻه ڍرب روپيا خرچ ٿيا ھوندا،جيڪڏھن اھي ڏوڪڙ جلسن بجاءمتاثرين تي خرچ ڪري ھاته متاثرين کانئس وڌيڪ متاثر ٿين ھا،سندن اھنجن۾ڪي قدر ڪمي به اچي ھا،سندس چواڻي ته ھن ٽيليفون اپيل ذريعي پنج ارب روپين جي امدادي رقم ڪٺي ڪئي آھي،جنھن کان انڪار ڪندي پرويز الاھي ان کي ھڪ يا ڏيڍ ارب ڄاڻايو آھي،جيڪا چون ٿا ته ھاڻي وڌي اڍائي ارب ٿي آھي،اھا رقم به الائي ڪھڙي ديڳ۾دميل آھي،اھا ڪڏھن۽ڪٿي ورھائبي ڪو پتو ڪونھي،

ڪوڙ۽ڊاڙھڻڻ ته خان جي پراڻي ڪرت آھي،سو اھو به شايد ھڪ شوشو آھي،اقتدار عمران خان لاء ھڪ نشو آھي،ان نشي کانسواء ھو آپي کان ٻاھر ٿي وڃي ٿو،ڪنھن به جلسي۾سواء مخالفن جي گلا ۽گاريون ڏيڻ کان سواء ھڪ لفظ به نٿو ڪڇي،دعوا ڪري ٿو ته آنء ملڪ جو مقبول۽ مشھور اڳواڻ آھيان،جيڪڏھن حڪومتي اڳواڻ ۽سياستدان ڪوڙا آھن ته پوءِ ھن جھڙي مقبول۽مشھور اڳواڻ کي ته متاثرين جي درميان ھجڻ گھرجي ھا،کيس بني گالا بجاء ڪنھن امدادي ڪئمپ،ڪنھن بند يا ڪنھن روڊ جي ڪناري ھجڻ گھرجي،مگر اوھان ته شھري بابو آھيو،اوھان کان اھو ڪم ڏکيو آھي،باقي عوام عوام ڪرڻ سان ڪو فائدو ناھي،اوھان حڪومت مخالف ڀلي ٿيو مگر ملڪ مخالف ٿيڻ کان پرھيز ڪيو،ان۾ئي ڀلائي آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.