پاڪ افغان ڇڪتاڻ جو ھڪ نئون باب کلي ويو

تحرير: پرڏيھي واءُ سواءُ

پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدن تي جهھڙپون ڪا نئين ڳالھھ ناھي، آمريڪا جي  افغانستان تي ڪاھ بعد سرحدي علائقن ۾ افغان نيشنل آرمي ۽ پاڪستاني فوج ۾ ننڍيون وڏيون چڪريون  ٿينديون رھيون آھن.

گذريل اڱاري تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 پاڪستاني فوجي ماريا ويا هئا. اسلام آباد موجب حملو افغان سرزمين تان ٿيو. ان واقعي کانپوءِ ڪابل ۽ اسلام آباد ۾ دعوائن ۽ جوابي دعوائن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري ان تاثر جنم ورتو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا ڇڪتاڻ طرف وڃي رهيا آهن.

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس  خميس ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته اسلام آباد انهن ٽن فوجين جي موت جو معاملو افغانستان وٽ اٿاريو آهي. پرڏيهي آفيس بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي ته افغانستان کي چيو ويو آهي ته هو اهڙن واقعن کي روڪي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ورجايا وڃن.

ان بابت ٻئي پاسي افغان طالبان جي ھڪ ترجمان بلال ڪريمي اربع ڏينھن پنھنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحد تي فوجي پوسٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھو، جڏهن افغان سپاهي پاڪستاني فوجين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ويا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي. ان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان ممڪن طور تي  جاني نقصان ٿيو.

ذڪر ڪيل واقعو پاڪستان جي قبائلي ضلعي ڪرم ۽ افغانستان جي صوبي پڪتيا  وچ تي  سرحدي علائقي ۾ پيش آيو.

هي صرف هڪڙو معاملو ناهي جنهن تي ڪابل ۽ اسلام جا بيان ھڪ ٻئي جي مقابلي ۾سامهون آيا آهن. پر 13 سيپٽمبر تي انگريزي روزاني اخبار دي نيوز انڪشاف ڪيو ھو ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس افغان طالبان کي هڪ خط ۾ چيو هو ته هو مولانا مسعود اظهر کي ڳولي،  رپورٽ ڪن ۽ کيس گرفتار ڪن.

مولانا مسعود اظهر پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جو سربراهه آهي. ان تنظيم تي الزام آھي تھ ھندوستان  ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملن ۾ ملوث  آهي. ساڳئي اخبار 14 سيپٽمبر تي اها خبر ڏني ھئي ته افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو ته مولانا مسعود اظهر هن وقت افغانستان ۾ ناهي پر هو پاڪستان ۾ موجود آهي. اھڙن واقعن ۽ بيانن سان  اهو تاثر پيدا ٿيو  ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا ماضيءَ ۾ جهڙا دوستيءَ وارا هئا، اهڙا ناھن رهيا.

لاهور  جي هڪ تجزئي نگار جنرل غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته افغان طالبان ۾ اهڙا عنصر به آهن جيڪي پاڪستان سان سٺا لاڳاپا نٿا چاهين.

جنرل غلام مصطفيٰ جو چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت جا بچيل ماڻهو به هندستان ۽ ٻين پاڪستان مخالف عنصرن سان سهڪار ڪري افغانستان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ماضيءَ ۾ جيئن تھ افغان طالبان جنگ جي حالت ۾ هئا ۽ انهن جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ انهن جي خاندانن پاڪستان ۾ پناهه ورتي هئي، تڏهن انهن جو پاڪستان تي گهڻو انحصار هو، پر هاڻي اهو انحصار گهڻو گهٽجي ويو آهي.

اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي سياسي مبصر نور فاطمه جو چوڻ آهي ته افغان سرزمين تي اسلام آباد جو اثر گهٽجي رهيو آهي.  هاڻي طالبان اقتدار ۾ آهن، چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن  سان به طالبان سٺا لاڳاپا چاهين ٿا. اڳي پاڪستان طالبان لاءِ واحد آپشن هو پر هاڻي انهن وٽ ڪيترائي آپشن آهن. ان ڪري هنن جي نظر ۾ پاڪستان جي هاڻي اها اڳوڻي اهميت نه رهي آهي

ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته افغان طالبان هاڻي پين اسلامڪ فڪر  کان اڳتي نڪري  قومپرست بڻجي ويا آهن ۽ هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار پيس اينڊ اسٽيبليٽي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر بڪاري  نجيم الدين جو چوڻ آهي ته طالبان هاڻي قومپرست قوت بڻجي ويا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ترتيب  ڏين ٿا.ھاڻي اھي پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ کان وڌيڪ پنهنجا مفاد ڏسن. ان ڪري هو ڪيتريون ئي شيون قبول نه ڪندا آهن، جن کي هو پنهنجي مفاد ۾ نه سمجهندا آهن، چاهي اهي شيون پاڪستان جون ئي ڇو نھ هجن.

2007  ۾ به پاڪستان ۽ افغان نيشنل آرمي وچ ۾ سرحدي علائقي ۾ جھڙپ ٿي هئي، جنهن ۾ 3 پاڪستاني فوجي زخمي ٿيا هئا ۽ ميڊيا رپورٽن موجب افغان نيشنل آرمي جا ڪجهه سپاهي پڻ مارجي ويا هئا ۽ زخمي ٿيا هئا. جھڙپ پاڪستان جي قبائلي علائقي ڪرم ايجنسي ۽ افغانستان جي صوبي پڪتيا جي وچ واري سرحدي علائقي ۾ ٿي، فيبروري، جون ۽ جولاءِ 2011 ۾ ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ ننڍيون وڏيون جھڙپون ٿيون. ان کان پوءِ آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ به ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ننڍيون سرحدي جهڙپون ٿيون. هن فھرست  ۾ جنوري 2012، مئي ۽ جون 2013، جون ۽ ڊسمبر 2014، آگسٽ 2015، جون 2016، فيبروري، مارچ ۽ مئي 2017، اپريل 2018، فيبروري، اپريل ۽ مئي 2019 ۽ سيپٽمبر 2019 جا واقعا پڻ شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.