ٻوڏ متاثرن سان مذاق ڪيستائين ڪندا؟

تحرير: الياس سمون

اقتدار جي نشن ۾ مدھوش جيالن توڙي ڪامورن کي ھن وقت ھوش بلڪل ناهي اھو اقتدار ڪجهه وقت جو آهي ان اقتدار کي اوهان اھڙيءَ طرح چنبڙي پيا آھيو ڄڻ اڃايل بکايل ٻوڏ ستايل اوھان ھجو ڪجهه ته خدا جو خوف ڪيو ھي ٻوڏ ڪا قدرتي آفت ناهي ن ئي سنڌ وارن جي نصيب جو ليک آهي ھي ٻوڏ اوهان جي ھٿرادي آفت آهي جنھن جو تفصيل عالمي ميڊيا تي به اوھان جي ڪارگردگي کي کولي ننگو ڪري دنيان سامھون رکي ڇڏيو آهي عالمي ميڊيا موجب سنڌ سرڪار سنڌ کي ھٿرادو ٻوڙي تباهه ڪيو آهي اھو سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته سنڌ حڪومت ڪيئن تباهه ڪيو آهي سنڌ حڪومت يا ڪامورا شاهي تي سنڌ مان ڪو آواز اٿاريو ويندو آهي ته ھڪدم پوليس گيري آواز اٿاريندڙ منشيات ياڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ڪجهه  به رکي پر آواز دٻايو وڃي ٿو سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي ھن وقت ڪافي سوال آھن لڳاتار 14 سالن کان سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ھن وقت ھٿرادو ٻوڏ کولي رکي ڇڏي آهي عالمي ميڊيا موجب سنڌ ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن لکوين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن سرڪاري سطح تي ڏهه پرسنٽ ماڻھن کي کاڌ خوراڪ نه پئي ملي مليريا گيسٽرو ڊائيريا ۽چمڙي جون بيماريون خطرناڪ صورتحال تي پھچي چڪيون آهن بکن ۽ بيمارين سبب لکوين ماڻهو مري ويندا تاريخ جو وڏو انساني بحران ٿي ويندو سرڪار کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو نه ته حالات تمام خراب ٿي ويندا

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسانجي سرڪار سڳوري صرف عالمي امداد ۾ اکيون اٽڪايو ويٺي آهي ڪٿان ٿو مال اچي ڪيئن ھڙپ ڪجي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر ھن وقت کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن تمام سھولتن کان سواءِ دربدر آهن ڪا مورن جا گدام امدادي سامان سان ڀريل آهن سنڌ حڪومت جا ايم پي اي ايم اين اي ڪامورا پورو نظام لٽ مار م لڳل آهي ڪنهن کي به متاثرين تي ڪو احساس نٿو اچي ھڻ وقت پوري سنڌ جا حالات خراب آهن ڪافي جاين تان رپورٽ ٿي رهيو آهي ته بک سبب ماڻهو مري رهيا آهن جنازا به پاڻيءَ مان تاريو پيا ڪڍن ڪافي جاين تي ڏٺو ويو آهي ته من پسندي عروج تي پهچي وئي آهي جيڪي ماڻهو قريب آھن انھن جي جانورن لاءِ به ٽينٽ لڳل آهن انهن جي اوطاقن تي رات جي انڌيري ۾ راشن جون ٽڪون پوليس پروٽوڪول ۾ پھچن ٿيون ائين به ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو .

عالمي امداد جا بيگ مارڪيٽن جي دوڪانن تي وڪرو ٿي رھيا آھن غريبن وٽ ٽينٽ ناهي راشن ناهي بکن بيمارين ۾ ماڻهو تڙپن پيا کاڌ خوراڪ جي سخت ضرورت آهي اسپتالن تي دوائون ناھين انساني نظام درھم برھم ٿي ويو آهي زمينون ٻڏي ويون آباديون لڙھي ويون چوپايو مال بيمارين سبب ۽ بکن سبب مري پيو ڪير به ڏسڻ يا پڇڻ وارو ناهي سرڪار، سنڌ کي ھٿرادو ٻوڙي تباهه ڪري عالمي ليول تي وزٽ پڻ ڪرايا آهن امداد پڻ حاصل ڪئي آهي پيل پراڻي بجيٽ به ھلي وئي پر متاثرين جي دردن جي ڪا دوا نه ٿي.

ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ڄڻ پبلڪ جا ملازم ئي ناھين جھڙو ڪي وڏيرن جا پرسنل ملازم آهن جيئن وڏيرا چاھين تيئن پيا ڪن مسڪين ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو ڪامورو لھي ئي نٿو اسپيشل ٺٽي ۾ ته الائي ڇا آھي جو وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي لوڌ لٿل آهي پر ٿئي ڪجهه به نٿو سي ايم سنڌ ٺٽي جا ھيڪاندا ٻه چڪر هڻي چڪو آهي جنھن کي پڻ ظلعي انتظاميا آرضي ڪئمپون رسمي وزٽ ڪرائي روانو ڪري ڇڏيو هو وفاقي منسٽر صاحب پڻ ڪيٽي بندر پھتا جتي ڊي سي ٺٽو برسات متاثرين جا جڏا منڊا انگ اکر پيش ڪري روانو ڪيو شابس ته ھجي ڊي سي ٺٽو کي جيڪو صرف ان ڏينهن تي نظر آيو جنهن ڏينهن وفاقي لوڌ ڪيٽي بندر تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري پھتي پر ڪجهه به اعلان نه ڪيو ان کان پوءِ ھي برساتن جو ۽ سيلابي سلسلن کي ٽي مھينا گذري ويا آهن پر ڊي سي جھڙو ذميوار آفيسر نظر نه آيو آهي

ھڪ ته پاڻ ڪن ڪجهه ڪونه ٻيو وري سماجي تنظيمن کي پابند بڻايو ويو آهي ته توهان ڊي سي جي اجازت کان سواءِ ڪو رليف ڪنهن به صورت ۾ ڪٿي به نٿا ڏئي سگهو ھاڻي ڊي سي ته پرسنل ڪامورو آهي جيئن وڏيرا شاهي چوندي تيئن ڪندو ھاڻي ڊي سي جي حڪم تي سماجي تنظيمن وارا بيوس ٿي ويا آهن من پسندي جاري آهي ڪنهن به ڳوٺ متاثر کي رليف نه پيو ملي جتي وڏيرا چاھين انھن جي مرضي غريب طبقي جي متاثرين جي حالت صفا خراب ٿي وئي آهي سنڌ حڪومت کي سماجي تنظيمن تان مڙھيل پابندي ھٽاڻ کپي ڇو ته پاڻ ڪجهه نه پيا ڪن جيڪي فلاهي اڌارا آھن انھن کي يرغمال ته نه بڻائين من پسندي جي ڪري متاثرين جي ڪا واھر نه پئي ٿئي جيڪو سراسر غلط ٿي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.