هنن حالتن ۾ ڪو رستو باقي ناهي بچيو

تحرير: امتياز عالم

سڀني کان وڏو مسئلو جيڪو هن پياري ملڪ کي درپيش آهي اهو آهي تباهه حال ماڻهن جي بحالي يا وري آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي مالياتي خساري ۽ معاشي ترقي کي گهٽايو وڃي. ٻوڏ جي قدرتي ۽ انساني آفت آءِ ايم ايف جي تازن ٻن جائزن کي ٻوڏ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. آفت سٽيل ۽ بحران جي شڪار معيشت ۾ اهو دم خم ناهي ته آءِ ايم ايف  جي پڪڙ کي منهن ڏئي سگهي.

ورلڊ بئنڪ جي تازي ٻوڏ کان پوءِ جي جائزي موجب، جيڪڏهن حڪومتي خرچن (خاص ڪري ٻوڏن جي حوالي سان) گهٽيا ته 2023 ۾ معاشي ترقي ٻڙي ٿي ويندي، جڏهن ته هلندڙ سال اها  1.2 سيڪڙو کان 1.7 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. زراعت ۾ واڌ 4.4 سيڪڙو مان گهٽجي ڪري 2.6 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي. نه ته ٽيڪس مڪمل طور گڏ ٿيندو.۽ نه ئي بجيٽ خساري جو هدف پورو ٿيندو ۽ حڪومتي خرچن 20 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندا.

خوراڪ جون ضروري شيون 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن، قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو،هيڊلائن ناڻي واڌ 27 سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڪپهه جي درآمد ۾ واڌ ٿيندي، زرعي ۽ ٻين شين جي برآمد ۾ گهٽتائي ايندي. صنعتي ترقي ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ گهٽتائي سبب واپار ۽ پرڏيهي خسارو وڌندو. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ڪروڙ 54 لک وڌيڪ پاڪستاني غربت جي نذر ٿي ويندا. هاڻي ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل هڪ طرف نقصان پورو نه ڪري سگهندو ۽ ان ڪوشش ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مڪمل ناڪامي تي رڳو ڳوڙها وهائيندو رهجي ويندو.

هنن جو اڳي به ايمان آزاد منڊي تي آهي پر آءِ ايم ايف جي قسط ملڻ باوجود رپيو ٻڏي رهيو آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ موجب هو ان بابت ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته ان عرصي دوران خانگي بئنڪن جو منافعو 300 سيڪڙو وڌي ويو آهي. آهي. لڳي ٿو ته 3 ڪروڙ 30 لک پاڪستانين کي قابو ۾ نه ايندڙ حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي پن پنان واري معيشت ۽ عالمي مالياتي ادارن جي فرمانبرداري ۽ مفت خور استحصالي طبقن جي مفادن جي قيمت عوام کي ادا ڪرڻي آهي. جيستائين غريب عوام انهن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏي.

هن ڀيري ماحولياتي طوفان آيو آهي، جنهن جي شدت 2010 جي ڀيٽ ۾ گهڻي آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ 78 ضلعا ۽ 2ڪروڙ 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا. هن ڀيري 116 ضلعا ۽ 3 ڪروڙ 30  لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن ڀيري ستر لک گهر ڊهي ويا آهن، 269 پل، 6700 ڪلوميٽر روڊ ۽ 20 لک ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل ٻڏي ويا آهن. هڪ عالمي موسمياتي اداري (ڊبليو ڊبليو اي) جي تازي تجزياتي رپورٽ موجب عالمي موسم جي 1.2 سينٽي گريڊ گرمي سبب پاڪستان ۾ برساتن ۾ صرف 5 ڏينهن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ايندڙ سالن ۾ ان ۾ شدت ايندي. يقينن دنيا جي 80 سيڪڙو آلودگي جا ذميوار جديد صنعتي ملڪ آهن ۽ اتر جا اهي ملڪ ڏکڻ جي ترقي پذير ملڪن ۾ ماحولياتي تباهي جي اثرن جا ذميوار آهن. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان جا ٻه وڏا پاڙيسري ملڪ هندستان ۽ چين دنيا جي سڀ کان وڏي آلودگيءِ پيدا ڪندڙ ملڪن مان آهن ۽ اهي 2060 ۽ 2070 تائين ڪاربن جي اخراج کي ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.

ڏکڻ ايشيا جي گليشيئرن جي پگھرجڻ جو بنيادي سبب اهي ئي پاڙيسري ملڪ آهن ۽ اسان اهو چوندي فخر ڇو ڪريون ٿا  ته اسان دنيا جي ڪاربان جي پکڙڻ جو رڳو  هڪ سيڪڙو پيدا ڪريون ٿا.

جيتوڻيڪ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته 0.7 سيڪڙو ڪاربن آلودگيءِ سان ملڪ جو مستقبل تاريڪ ٿي وڃي ٿو.

رياست جي سنجيدگيءَ جو ته اهو عالم آهي جو 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جيڪا رپورٽ فلڊ ڪنٽرول اختيارين مرتب ڪئي هئي ۽ جيڪا 2015ع کان 2023ع جي عرصي دوران لاڳو ٿيڻي هئي، ان تي ابتدا کان عمل ئي نه ڪيو ويو آهي.

هاڻي وري نقصان جو ٻيهر اندازو لڳايو پيو وڃي جيڪو شايد 40 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي. پر ڪيوٽو ۽ پئرس جي ماحولياتي پڌرنامي ۾ ماحولياتي نقصانن کي پورو ڪرڻ جي ڪا به شق نه آهي. هاڻي تائين 160 ملين جي تڪڙي امداد جي اپيل جي جوڳي موٽ نه ملي آهي.

۽ جيستائين اسان تباهيءَ جو اندازو لڳائنداسين،تيسين ٻوڏ لهندي ئي، اها خبر عالمي ميڊيا مان غائب ٿي ويندي.

سڪيورٽي جي نالي تي اسان جي ايجنسين گهرو وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن عالمي ۽ مقامي سول سوسائٽي جي تنظيمن کي اهڙي طرح بند ڪري ڇڏيو آهي جو 2010 ۾ جيڪڏهن 158 تنظيمون سرگرم هيون ته هاڻي رڳو 70 امدادي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن..

گڏيل قومن جا ادارا به صرف سرڪاري کاتن جي ذريعي امداد فراهم ڪري رهيا آهن، بهتر ٿيندو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل کي اڳتي وڌائي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن جي قرضن کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ماحولياتي انصاف لاءِ استعمال ڪرڻ جي درخواست ڪري ۽ مصر ۾ ڪو پي 27 جي اجلاس جي موقعي تي 30 ارب ڊالر جي بحالي جي رٿا پيش ڪري، ٻوڏ کانپوءِ واري صورتحال ۾ آءِ ايم ايف کي سمورن هدفن جي نيئن سري سان جائزي وٺڻ جي لاءِ چيو وڃي، ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي.

تاشقند مان خوشخبري اها آهي ته وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس دوران روسي صدر پيوٽن، چيني صدر شي زي ۽ ٻين اڳواڻن سان سٺيون ملاقاتون ڪيون.روسي صدر روسي گيس لائين کي تاجڪستان کان اڳتي پاڪستان تائين پهچائڻ ۽ ڪراچي-لاهور گيس پائيپ لائين وڇائڻ سميت ريلوي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. اهڙيون آڇون ماضيءَ ۾ به ڪيون ويون آهن جن کي اسان پنهنجي آمريڪا نوازيءَ جي ڪري فائدي وٺڻ بجاءِ انهن کي ڦٽائيندا رهيا آهيون.

چين جي صدر پڻ سي پيڪ تي عملدرآمد لاءِ اڳتي وڌڻ جو به اشارو ڏنو آهي. ايران ٻه طرفي بارٽر واپار ۽ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. بظاهر وزيراعظم هاڪاري جواب ڏنو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته منجهس ڪيترو دم خم آهي.

بدقسمتيءَ سان تاشقند جي چوٽي جي گڏجاڻي ۾پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن وڇوٽيون برقرار رکيون، جيتوڻيڪ ماحولياتي تباهي جو مسئلو سڄي ڏکڻ ايشيا جو گڏيل مسئلو آهي. ڪالم جي شروع ۾ چيو هو ته ڪو به رستوباقي نه بچيو آهي،

پر سياست جي دل ۾ ڪوبه  انساني جذبو ناهي.عمران خان کي رڳو چونڊون گهرجن، پوءِ ڀلي عوام جهنم ۾ وڃي پوي ۽ اتحادي حڪومت کي اقتدار گهرجي پوءِ ڇو نه هر نئون ڏينهن نيون رسوايون آڻيندو رهي ۽ اهي رسوايون وڌي ڪري ايندڙ چونڊيل حڪومت جو آڌر ڀاءُ ڪنديون. ٻڪري جي ماءُ نيٺ ڪيستائين خير گهرندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.