چندي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ نامناسب وڊيوز وائرل ٿيڻ تي هنگامو

نئين دهلي(م ڊ) انڊيا جي شهر چندي ڳڙهه جي هڪ نجي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جو نامناسب وڊيوز وائرل ٿيڻ تي هنگامو برپا ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا مطابق اڻوڻندڙ وڊيوز وائرل ٿيڻ تي 8 شاگردياڻين مبينه طور تي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاگردن سخت احتجاج ۽ هنگامو ڪيو جنهن بعد پوليس طلب ڪئي وئي، پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا ڇوڪرين جي مبينه خودڪشي کي افواهه قرار ڏئي ڇڏيو، ساٿي شاگردياڻين جي وڊيوز ٺاهيندڙ شاگردياڻي وڊيو بڻائڻ جو اعتراف ڪري ورتوکيس حراست ۾ ورتو ويو، جوابدار ناري ٻڌايو ته هن ساهيڙين جون وهنجندي ڳجهيون وڊيوز ٺاهيون هيون، ان ڇوڪري اهي وڊيوز شمله ۾ رهندڙ هڪ نوجوان کي موڪليون جنهن اهي وڊيوز وائرل ڪيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.