ڪنري ۾ گدلو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو، ڊائريا، ڊينگي عام

ڪنري (ت ر) ڪنري تعلقي ۾ گندو ۽ گدلو پاڻي واپرائڻ سبب بيمارين ڪر کنيو، اسپتال ۾ بيڊ کُٽي پيا، مريض پريشان ٿي ويا. تعلقي ۾ گندي پاڻي جي استمعال ۽ مڇرن جي آزار سبب سبب شھري ۽ ٻوڏ متاثر گيسٽرو، ڊائريا، ڊينگھي ۽ مليريا سوڌو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا. سول اسپتال ڪنري ۾ روزانو جي بنياد تي 150 کان مٿي مريض پھچڻ لڳا، سون جي تعداد ۾ داخل ٿيل آھن. جڏھن ته نجي اسپتالون به مريضن سان سٿجي ويون آھن. متاثرن ۾ وڏي تعداد معصوم ٻارن ۽ عورتن جي شامل آھن. ٻئي پاسي انتظاميا بھتر پاڻي، مڇرمار اسپري سميت ٻيون سھولتون ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.