پاڪستان کي ڏنل امداد هڪ ڦڙي کان وڌيڪ ناهي: آمريڪي سينيٽر

نيوجرسي (م ڊ) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن کي ڏنل امداد هڪ ڦـڙي کان وڌيڪ ناهي.آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپنواري ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان متاثر پاڪستان کي ڏنل امداد هڪ ڦڙي کان وڌيڪ ناهي.نيوجرسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر باب ميننڊيز پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي چيو ته پاڪستان لاءِ انٽرنيشنل ڊونرز ڪانفرس ڪوٺائڻ گھرجي ۽ آمريڪا پاران ڊيزاسٽر پيڪيج ڏنو وڃڻ گھرجي، ان سان گڏ آءِ ايم ايف طرفان به پاڪستان کي وڌيڪ رليف ملڻ گھرجي.هن چيو ته يوڪرين ۽ افغانستان جيان آمريڪا ۾ ترسيل پاڪسانين کي عارضي تحفظ جو درجو ڏيڻ مطالبو ڪريون ٿا ۽ هي معاملو پاڻ صدر جوبائيڊن اڳيان رکنداسين.ان کانسواءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن به اکين ڏٺو حال آمريڪي سينيٽ کي ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو لڳي سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.