ڪراچي ۾ ڊينگي ۾ وڌيڪ 2ڄڻا فوت، 324 مبتلا

ڪراچي (رپورٽر + م ڊ ) ڪراچي ۾ ڊينگي جي مرض ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، ڪالهه وڌيڪ ٻه مريض فوت ويا، انتظاميا طرفان جاريڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 324 ڄڻن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 36، شهيد بينظير آباد 15 ۽ سانگهڙ ۾ ڊينگيءَ جا 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ٻي پاسي ڪمشنر ڪراچي شهر جي سڀني اسڪولن لاءِ خاص اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) جاري ڪري ڇڏيون آهن، ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن اسڪولن ۾ اسيمبلي ۽ پي ٽي سيشن هڪ مهيني لاءِ معطل رکيو وڃي، پڌرائيءَ موجب ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ کي ڏسندي شاگرد مڪمل ٻانهن واريون شرٽون پائين، اسڪول انتظاميا مستقل بنيادن تي ڊينگي ۽ مليريا اسپري ڪرائڻ کي يقيني بڻائي، اسڪول جي اڱڻ ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏنو وڃي، صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا اسڪول مليريا ۽ ڊينگي جي حوالي سان آگاهي سيشن ڪن، واضح رهي ته نه رڳو ڪراچي پر ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊينگيءَ جو مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ ڪيترائي فوت ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.