چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون،شهباز نواز ملاقات ۾ اتفاق، نومبر ۾ اهم مقرري تي به مشورا

لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جي لنڊن ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ڪيو ويو.لنڊن ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، سلمان شهباز به موجود هئا، وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ۾ نواز شريف کي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فضل الرحمان سان مشاورت بابت آگاهه ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو تههن وقت سڄو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ معيشت جي بهتري تي آهي.ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سمورا اتحادي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جا حامي آهن، اتحادين سان گڏجي پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، ڪو دٻاءُ قبول ناهي، ڪنهن جي هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، نوازشريف ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات ساڍا ٽي ڪلاڪ جاري رهي، پنجاب حڪومت جي تبديلي جي صورت ۾ وڏي وزير لاءِ حمزا شهباز ۽ ٻين نالن تي به غور ڪيو ويو،جيو نيوز جي ذريعن مطابق نومبر ۾ اهم مقرري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اهم ملاقات ۾ لنڊن ۾ موجود خواجا آصف ۽ مريم اورنگزيب شريڪ نه ٿيا، ن ليگ قائد نواز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگي تي وزيراعظم شهباز شريف کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي، حڪومت بحاليءَ جي ڪوششن ۾ تيزي آڻي.صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، پاڪستاني عوام به عطيا فراهم ڪري رهيو آهي، دوست ملڪ پڻ مدد پيا ڪن، وفاق توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجو فرض ادا ڪري رهيون آهن.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اين ڊي ايم اي به ڪم ڪري رهي آهي، متاثرن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي،هوڏانهن ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته نئون آرمي چيف جنرل عاصم منير هوندو جنهن لاءِ نواز شريف طرفان سائي جهنڊي ڏيکاري وئي آهي.ميان نواز شريف سميت سموري پي ڊي ايم جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻائڻ تي متفق ٿي وئي آهي.ان حوالي سان وزيراعظم جي ڏيهه واپس پهچندي ئي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ لنڊن ۾ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف وزيراعظم کي جنرل عاصم منير لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.