خاص طبقي جا غلام آهيون، ڪير به نه ٿو پڇي ته بلوچ ڇو پيا وڙهن؟: قومي سياسي قيادت

ڪراچي(رپورٽ: يار محمد بروهي) قومي سياسي قيادت چيو آهي ته آئيني طور تي جن کي سياست ڪرڻ جو حق ئي ناهي اهي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، اڄ به آئين جي دائري /۾ رهي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ج4 اجازت نه آهي، سياسي مفاد پرستي جي ڪري جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي،  ڪراچي۾ سردار عطاالله مينگل جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي اختر مينگل، مولانا فضل الرحمان، احسن اقبال، محمود خان اچڪزئي، جلال محمود شاهه، نثار کهڙو، ياسين آزاد، علي احمد ڪرد، مظهر عباس ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته دستور آئين ۽ حقن لاءِ جنگ وڙهڻ ۾ بزرگ سياستدان سردار عطاالله مينگل جو ڪو به ثاني نه آهي، ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف اڪانومي ان وقت تائين بي معنيٰ آهي، جيستائين سياست ۾ مداخلت نه روڪڻ جي چارٽر تي اتفاق نه ڪيو وڃي، اسين هڪ طبقي جا غلام آهيون، آئين جي حدن ۾ رهي به پنهنجي حقن جي ڳالهه نه ٿا ڪري سگهون، ملڪ هلائڻ لاءِ سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسين مظلوم آهيون ته محروم به، جيستائين مون کي باور نه ڪرايو ويندو ته مان بااختيار آهيان تيستائين محرومي ختم نه ٿيندي، هن چيو ته بلوچستان ۾ ماڻهو وڙهي رهيا آهن پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن اهو نه پڇيو آهي ته بلوچ ڇو پيا وڙهن، ڇا سپريم ڪورٽ ڪڏهن بلوچستان جي اشوز تي پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي؟ مولا فضل الرحمان چيو ته سياسي مفاد پرستي جي ڪري جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي، جيڪو سي پيڪ جو حامي آهي اهو آهي اهو آمريڪا جو دشمن ۽ مخالف ان جو دوست آهي، ڀارت سان واپاري لاڳاپا رکون ٿا ته ملڪي مفاد سامهون اچي ويندو آهي، پرڏيهي پاليسي ملڪي مفاد ۾ هجڻ گهرجي، احسن اقبال چيو ته اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۾ بالادستي آئين کي حاصل آحي يا صرف ڪجههه طبقن کي؟ آئين جي بالادستي جو معاملو طئي ٿيڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا. بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو معاملو رياست لاءِ چئلينج آهي، وفاقي حڪومت ان کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي، محمود خان اچڪزئي چيو ته اسين پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين، اسان کي انصاف گهرجي خيرات نه، آئين کي ٽوڙي اڇلائڻ وارن کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده حالتن ۾ سينيٽ کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. جلال محمود شاهه چيو ته پاڪستان اڄ ڏينهن تائين فيڊريشن نه بڻجي سگهيو آهي جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته آئينده به هڪ قوم بڻجي نه سگهنداسين. سينيٽر نثار کهڙو چيو ته هر ڀيري آئين کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويندو آهي، عوام ۽ عوامي نمائندن کي ڪمزور ڪري بدنام ڪرڻ جي جنگ هلي رهي آهي،  سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد چيو ته آئيني طور تي جن کي سياست ڪرڻ جو حق ئي ناهي اهي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، صحافي مظهر عباس چيو ته اڄ به چچريل لاش ملي رهيا آهن، جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ بلوچن سان ڇو نه؟ انهن لاءِ به عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.