پرڏيهي بينڪن ۾ پئسا رکندڙ پي ٽي آءِ حڪومتي ڪابينا ۾ شامل نه هوندا؟

اسلام آباد ( تبصرو : افتخار ڪاظمي ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ عمران خان کي به ڪجهه اڳواڻن تي شڪ ٿيو آهي ته  اهي کيس اورانگهي اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا معاملا طئه ڪري رهيا آهن ، نامياري تجزيي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته  ف يصل واوڊا اسٽيبلشمينٽ سان عمران خان جا  معاملا حل ڪرائڻ  لاءِ سرگرم هو ۽ عمران خان کي به صلاح ڏئي رهيو هو ته  اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي کان پاسو ڪري مفاهمت ذريعي معاملا حل ڪري ، اهو به ته  اوهان جي ڀرپاسي ٻانهن جا نانگ موجود آهن،جيڪي اوهان کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي پارٽي قيادت سنڀالڻ يا وزيراعظم ٿيڻ جي سازش ڪري رهيا آهن،  ان کانپوءِ چارسده  جلسي ۾  عمران خان اعلان ڪري ڇڏيو ته  ايندڙ ڪابينا ۾ ان شخص کي شامل نه ڪيو ويندو  جنهن جي ملڪيت جا پئسا پرڏيهه جي بينڪن ۾ هوندا، ان اعلان مان محسوس ٿئي ٿو ته فيصل واوڊا، زلفي بخاري، ثانيه نشتر، معيد يوسف ۽ ڪجهه ٻين  لاءِ پيغام آهي، جڏهن ته ڪالهه ڪور ڪميٽي اجلاس ۾  عمران خان ساڳي ڳالهه ورجائي ته کيس سڀ خبر آهي ته  ڪير ڪير اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهي  انهن کي ڌمڪي ڏني وئي ته پارٽي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي  ۽ سوشل ميڊيا تي پارٽي پاليسي ۽ منهنجي بيانن جو بچاءٌ  ۽ حمايت ڪئي وڃي  ان ۾ صرف فواد سرگرم آهي ۽ ٻيا لنوائي رهيا آهن ، هاڻي شيرين مزاري جي ذميواري آهي ته  اها نگراني ڪري ته ڪهڙو  پارٽي پاليسي  تي عمل ڪري ٿو ۽ ڪير بنا اطلاع جي اسٽيبلشمينٽ سان  ملاقاتون ڪري ٿو، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف  سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.