عمرڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ واريون مشينون کڻڻ خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (ڊ ر)ڳوٺ شريف مھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڇو ٿا ڪرايو عمرڪوٽ جي پوليس اٽالن فنڪشنل ليگي چئرمين عارف مھر جي ڳوٺ شريف مھر تي چڙھائي ڪري مشينون پٽرائي ڇڏيون عمرڪوٽ پوليس جون 10 موبائيلون ڳوٺ شريف مھر پھتيون پاڻي واريون مشينون پٽي پاڻ سان کڻي روانو ٿي ويون اھڙي ظلم خلاف ڳوٺاڻن عارف مھر شريف مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو پوليس ۽ آبپاشي اختيارين ۽ سياسي انتقامي ڪارروائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي يوسي ميان جان محمد جي چونڊيل چئرمين عارف مھر ۽ ٻين چيو ته حڪومتي بااثر سياستدانن جي چرچ تي اسان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي پوليس ونگاري بڻجي اسانکي پنھنجي ئي ڳوٺ مان پاڻي ڪڍڻ نٿي ڏي جنھن جي ڊي سي عمرڪوٽ پاران مليل لکت ۾ اجازت جا ثبوت به موجود آھن اسان جي ڳوٺ جي مسجد، اسڪول، پيئڻ جي پاڻي جو تلا، به برساتي پاڻي سان ڀريل آهن، اسان خلاف انتقامي ڪاررواين ان ڪري رھيا آھن جو اسان صرف پير پاڳاري جا حُر آھيون ان ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي ان وڌيڪ چيو ته اسان کي اڳ به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو هو پر ڪورٽ سڳوري ۾ اسان کي انصاف مليو هو ھئير به اسان کي اميد آهي ته اسان کي ڪورٽ سڳوري مان انصاف ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.