بلڙي شاهه ڪريم ۾ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، دوائون جي کوٽ ۽ ڪرپشن خلاف ريلي، ڌرڻو

بلڙي شاهه ڪريم ( ن ع آ) بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي برسات متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني شھر بلڙيءَ جي مين پرائمري اسڪول جي تعميراتي ڪمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن منشيات جي وڌندڙ آزار صحت مرڪزن تي دوائون جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ايس ٽي پي ضلعي ٽنڊي محمد خان جي صدر اقبال حاجاڻو . محمد سليم ميمڻ. بچل سٺيو علي نواز سمون . عزيز مڱڻھار .سميت رند قومي اتحاد سنڌ جي نائب صدر زاھد خان رند جي اڳواڻيءَ ۾ باب ڪريم کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب بلڙي شاهه ڪريم آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بند ھئڻ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. انھي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پوري سنڌ جيان تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ پڻ پوندڙ چوماسيءَ جي تباھڪار برساتن تباھي مچائي ڇڏي ڪيترا ئي مسڪين ماروئڙا پنھنجي گھرن کان بي گھر بڻجي ويا مگر ھتي جي نااھل چونڊيل نمائندن پاران سندن ڪا به سھائتا نہ ڪئي وئي آهي ھتي جا چونڊيل نمائندا فقط پنھنجا نوازي واري روايت برقرار رکيو ويٺا آهن مسڪين ماروئڙن جا ٻچا واھر نہ ٿيڻ ڪري بکون ۾ پاھ ٿي رھيا آھن مگر چونڊيل نمائندن کي انھن تي رحم نٿو اچي ھنن چيو تہ وزير اعليٰ سنڌ جو ٽنڊو محمد خان جو دورو ھڪ ڊرامون جو مگر سندس دوري سان عوام کي ڪو بہ لاڀ نه ملي سگھيو جڏھن تہ تعلقي بلڙي شاهه ڪريم کي ھتي جي چونڊيل نمائندن پاران مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آهي . ھنن چيو تہ تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ بدامني جي باھ ٻري رهي آھي ڪا رات خالي ناهي جنھن رات ڪا واردات نه ٿي ھجي جڏھن تہ برساتن سبب ھن وقت مختلف موضي بيماريون تيزيءَ سان انسانن ۾ ڦھلجي رھيون آھن. مگر ھتي جي رورل هيلٿ سينٽر تي ايندڙ مريضن لاءِ ڪا بہ طبي سھولت ميسر ناھي. ھنن چيو تہ شھر بلڙيءَ جو مين گورنمينٽ ڪئمپس پرائمري اسڪول جيڪو گذريل چار سالن کان رولڙي جو شڪار آھي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽيءَ جي آفيس جو گهيراءُ ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.