نوابشاهه ۾ڍورو نارو شاخ جي ويٺل ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) ڍورو نارو شاخ تي ويٺل ٻوڏ  متاثر فوجي نواز عمراڻي پنھنجي پاڙيسرين سياڻي، افروز سان گڏ واھر نه ٿيڻ خلاف نوابشاه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪري ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ھن چيو ته نواب شاهه جي انتظاميه پاران اسان برسات متاثرن جي ڪابه واھر نه ڪئي پئي وڃي جنھن کي ڪري اسان انتھائي سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، ھن چيو ته اسان برسات متاثرن کي رھائش ڏني ٿي وڃي جنھن جي ڪري اسان ڍورو نارو شاخ جي ڪپ تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون، ھن چيو ته اسان کي نه دوائون ۽ نه ئي انھن کي کاڌو پھچايو وڃي ٿو جڏهن ته غريبن لاءِ آيل راشن به من پسند ماڻھن جي حوالي ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري اسان بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رھيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪري انھن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.