پاڻي جا قدرتي لنگهه بند ڪرڻ سبب سنڌ ۾ تباهي آئي، ذميوار سرڪارآهي: زين شاھه

گلشن اقبال ( رپورٽ: شفقت نوناري ) ڪراچي جي احسن آباد واري علائقي ۾ سنڌ ساگر پارٽي طرفان سنڌ بحالڪاري ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف قوم پرست جماعت جي اڳواڻن ۽  ڪارڪنن طرفان شرڪت ڪئي وئي ان موقعي تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو تـ پراڻن ڍورن لنگھن تي سردارن ڪامورن پ پ جي وزيرن طرفان ڪيل قبضن سبب وھڪرن جا دڳ بند ٿيڻ ڪري تمام گھڻيون تباھڪاريون ٿيون آھن 2010 واري آيل ٻوڏ بعد ٻاھرين ملڪن طرفان آر بي او ڊي ايل بي اوڊي جي ڪئپسٽي وڌائي بند کي مضبوط ڪرڻ لاء تمام گھڻي رقم ڏني وئي مگر رقم ڪرپشن جي نظر ٿي وئي ھاڻي ٻاھرين ملڪن مان وڏي پئماني ٿيندڙ امداد جي نگھباني وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي ڏني وئي آھي انھن جي آيل سامان جي چوڪيداري ايئن آھي جيئن کير لاء ٻلي کي نگھباني لاء رکيو وڃي ماڻھو بک پيا مرن اسان جا حڪمران صرف ٻاھرين ملڪن کي امداد جون اپيلون پيا ڪن ھتي ماڻھو بک مرن پيا لکين ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن صحت کاتو ڪٿي بـ نظر نٿو اچي جيئي سنڌ محاد پارٽي جو سربراھ رياض چانڊيو ڳالھائيندي چيو تـ برساتي ٻوڏ بعد صورتحال تمام خطرناڪ پئدا ٿي وئي آھي عالمي اداري يونيسيف جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ آئي آھي تـ پنج لک ٻار خوراڪ کان محروم بڻيل آھن جڏھن ماء کي خوراڪ نـ آھي تـ اھا خوراڪ ٻار تائين ڪيئن منتقل ٿيندي اھڙين سبب تمام گھڻي سانحي جا خطرا پڻ وڌي ويا آھن جڏھن تـ 10 لک عورتون پيٽ آھن جن کي پڻ کاڌ خوراڪ نـ ملڻ سبب انھن جي مرڻ جا انيديشا آھن حڪمرانن جي نااھلي سبب ھر روز ماڻھو بک بيمارين خراب پاڻي واپرائڻ سبب مرن پيا مگر وفاق توڙي سنڌ سرڪار ڪٿي نظر ڪو نـ پئي اچي خطرناڪ پئدا ٿيل صورتحال ۾ پ پ جا وزير ڪامورا گم آھن اسان جي انساني حقن لاء ڪم ڪندڙ ۽ دنيا جي ٻاھرين ملڪن کي اھا اپيل آھي تـ اھي پنھنجي موڪليل امداد حڪمرانن کي ڏيڻ بجاء سڌي ريت متاثر ٿيل ماڻھن کي پاڻ ڏين جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراھ نواز خان زنئور چيو تـ وسيلن سان مالا مال بڻيل سنڌ جا برسات سبب متاثر ٿيل ماڻھو انھن جو اھو نصيب نـ آھي تـ انھن کي ڪئمپن ۾ رھايو وڃي ھي ھن ڌرتي جا حقيقي وارث ۽ مالڪ آھن جن کي حڪومت مستقل بنيادن تي رھائش ۽ روزگار فراھم ڪري اسان کي ماڻھن جي شعوري تربيت ڪرڻي پوندي ھاڻي وقت اچي ويو آھي تـ مسڪين ماروئڙن جي مالڪي ڪرڻ لاء سموري قومپرست جماعتن کي گڏ ٿيڻو پوندو اعجاز سامٽيو منير مگسي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي چيرمين ممتاز بروھي وڪيل امان اللـ شيخ جگديش آھوجا منير نائچ مخدوم شمس سنڌيڪا پبلڪيشن سربراھ نور احمد ميمڻ سارنگ منير سومرو نصر اللـ جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي سنڌ بحال ڪاري ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو تـ 2010 کانپوء سنڌ جي ترقيء لاء ڪا بـ رٿابندي نـ ڪئي وئي آھي متاثر ٿيل ماڻھن کي رھائش سميت انھن کي علاج تعليم کاڌ خوراڪ جون سموريون سھولتون ميسر ڪيون وڃن انھن متاثر علائقن جي ماڻھن کي زرعي طور تي مضبوط ڪرڻ لاٻء انھن کي ڀاڻ ٻج مفت ڏنو ويو وڃي روڊ رستا جلد تعمير ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.