ڳڙهي خيرو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

ڳڙھي خيرو (ن ع آ ) تعلقي ڳڙھي خيرو جي 9 يوسين ۾ 20 ڏينھن گذرڻ با وجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، ھزارن جي تعداد ۾ ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ويٺل حڪومت سنڌ حڪومت پاران متاثرينن کي رليف ڏيڻ  ۾ ناڪام بڻجي وئي، يوسي ڳڙھي خيرو ۾ تعلقي اسپتال ۽ ان جي ٻاھران بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، يوسي ميرانپور، شيرانپور، الھه آباد، شيرخان، يوسي خدا آباد، يوسي الڻپور، يوسي دوداپور سميت 9 يوسين جي مختلف ڳوٺن ۾ 7 فٽن تائين سيلاب جو پاڻي بيٺل آھي، ھن وقت تائين ڪو به سرڪاري عملدار يوسين ۾ نه پھتو آھي، ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ويٺل آھن، حاليه برساتن ۾ تعلقي ڳڙھي خيرو جي 9 يوسين جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي, ڳوٺاڻن جا ھزارين گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، ھن وقت به ڳڙھي خيرو تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۽ ڳڙھي خيرو شھر جي تعلقي اسپتال جي چوڌاري سيلاب جو بيٺل آھي، ڊي سي جيڪب آباد، مختيارڪار ڳڙھي خيرو ھن ڪنھن ھڪ يوسي جو دورو ناهي ڪيو،  ھتان جا آفيسر اگھور ننڊ ۾ ستل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.