منظورآباد۾ترسيل ٻوڏ متاثرن جي حالت خراب، فاقاڪشي ۾ مبتلا

مانجهند (ن ع آ) منظورآباد ڀرسان ڳوٺ غريب آباد موري ڳوٺ دڙا ماڇي ڳوٺ خير محمد ٿيٻو  سميت مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن طرفان     جابلو علائقي ۾ رهندڙ سوين خاندانن جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي متاثرن لال خان ٿنگواڻي کوسو شھزادو کوسو سليم.ماڇي ۽ ٻين ٻڌايو ت سنڌودرياء جي ٻوڏ سبب سوين ايڪڙ تيار فصل ٻڏي ويو گهر پڻ تباه ٿي ويا صرف زندگيون بچائي جابلو ميدانن تي پناه ورتي اٿئون جتي پڻ سندن ڪابه واهر نه ٿي سگهي آھي نٽھڻ اس ۾َٻچڙن سميت بي يارومددگار ويٺل آھيون انتظاميا طرفان ڪابه واهر نه ٿيڻ سبب بکون ڪاٽي رهيا آھيون سندن بيمار ڀاتين جو ڪو علاج نه ٿي سگهيو آھي پر انتظاميا راشن خيما ۽ ٻيو سامان سياسي بنيادن تي   اوطاقن تي ڏياري رهي آھي ڪيترائي بااثر متاثرن جو سامان گڏ ڪري وڪرو ڪري رهيا آھن جنهن سبب سندن حالت انتهائي خراب ٿي وئي آھي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت سندن واهر ڪري زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.