ٻني ۽ ڀرپاسي متاثرن جي امدادي سامان ۾ پنهنجا نوازي، احتجاجي مظاهرو

ٻنون (ن ع آ)ٻنون، لائقپور، بچل گگو سميت سوين ڳوٺن ۾ برساتن سبب ڪريل گھرن جي بحالي اڃا تائين نه ٿي سگھي آھي، جڏھن ته سرڪار طرفان ضلع انتظاميا کي مھيا ڪيل راشن، خيما ۽ ٻيو سامان فقط من  پسند ماڻھن کي ملڻ لڳو آھي، غريب ڳوٺاڻا راشن نه ھئڻ سبب بکن ۾ پاھ ٿي ويا آھن. جڏھن ته سجاول جي ضلع انتظاميا ڪريل گھرن جي متاثرن جي اڃا تائين ڪا به سار نه لڌي آھي، ڪافي ڳوٺاڻا برسات سبب گھر ڪرڻ ڪري اڃا تائين کلي آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل آھن، لائقپور جي حقيقي برسات متاثر ماڻھن کي سرڪاري امداد کان مڪمل طور تي پري رکي کين نظرانداز ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ ڳوٺ بچل ڌمون جي متاثرن ڍولو ڌمون، مجيد ڌمون، شبير ڌمون، شريف درس ۽ ٻين انتظامي نظراندازي خلاف سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سجاول جي ضلع انتظاميا کين مسلسل نظرانداز ڪري فقط ڀوتارن ۽ انھن جي من پسند ماڻھن کي امداد راشن ۽ خيما ڏنا آھن، جڏھن ته برساتن سبب سندن سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آھي، ھنن چيو ته ڳوٺ بچل ڌمون ۾ ڍولو ڌمون، مجيد ڌمون، شبير ڌمون، جانو ڌمون، بچل ڌمون، نواز ڌمون، شريف درس جا گھر ڪريا، جڏھن ته ڳوٺ ٻڍو سومرو ۾ غلام سومرو، بشير ملاح سميت ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو ۾ پڻ سوين ماڻھن جا گھر ڊھي پٽ ٿيا پر سرڪاري سطع تي کين مڪمل طور انداز رکي ڀوتارن کي اھميت ڏني پئي وڃي، ھتان جي برسات سٽيل متاثرن سنڌ حڪومت حد جي چونڊيل نمائيندن سميت سجاول جي ضلع انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي، لائقپور جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪريل گھرن جي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.