اڏيرو لال ۾ واهر نه ٿيڻ تي برسات متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

اڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال) ٽائون ڪميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي وارڊ 2 ۾ قائم ڳوٺ محرم خان کوسو جي رهواسين طالب کوسو،  نياز کوسو، علي اڪبر کوسو، شفيع کوسو ۽ جبار کوسو جو چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو، نعريبازي، اسان جي هن مهل تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي، برسات گذرڻ باوجود گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي موجود آهي، برسات جي پاڻي سبب مليريا، ڊائريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيماري ۾ اضافو ٿي ويو آهي. خبر موجب ٽائون ڪميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي وارڊ 2 ۾ قائم ڳوٺ محرم کوسو جي رهواسين جو چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي هنن الزام هنيو ته برسات کي بيٺي ويهه ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃان تائين ضلعي انتظاميا مٽياري توڙي چونڊيل نمائندن اسان جي ڪابه سار ناهي لڌي. چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.