ڇتو چنڊ۾ ٻوڏ متاثرن طرفان سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر) ڇتوچنڊ ۾ مختلف علائقن جي رھواسي ٻوڏ متاثرين پاران کين تنبو، راشن سميت ٻيون سھولتون  نه ملڻ خلاف ڪيل احتجاج بعد  ٺٽي ٿاڻي تي محمد حنيف سومرو ۽ ٻين خلاف 2 ڌار ڌار روڊ بلاڪ ڪري گاڏين کي نقصان پھچائڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي حنيف سومرو چيو ته احتجاج ٻوڏ متاثرين ڪيو آھي ۽ ڪيس مٿس داخل ڪيا ويا آھن، جيڪا ساڻس وڏي ناانصافي ۽ انتقامي ڪاروائي لڳي ٿي، ھن چيو تہ ھتي وڏي تعداد ۾ ويٺل بوڏ متاثرين کي تنبو ۽ راشن ناھي مليو، جن جا ٻچا بکن ٿا مرن، جن اھو احتجاج ڪيو آھي، کيس بلاجواز ھن ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي، ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.