ڪاڇي واسي برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، لاش 5 ڪلاڪن بعد هٿ

ميھڙ (ن ع آ) فريدآباد ڀرسان ڪاڇي واسي ڳاڙھي جاگير جو رھواسي ڳوٺاڻو امام علي رند پنھنجي گھر جا لڪڙا گاڊر کڻڻ لاء ڳوٺ ويو ھو ته  فريدآباد گرڊ اسٽيشن ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو ھو جنھن کي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت 5 ڪلاڪن بعد ٻوڏ جي پاڻي ايف پي بند ڀرسان لاش ھٿ آيو جنھن کي ڳوٺاڻن پاران پاڻي مان ڪڍي فريدآباد آندو وڃي پيو،علائقي واسين موجب فريدآباد سميت ميھڙ جي آس پاس پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن مان ٻيڙي ذريعي نامعلوم چور پھچي گھرن مان گارڊر لڪڙا ۽ گھرن مان ٻيو سامان چوري ڪرڻ جا واقعا وڌي رھيا آھن ٻڏي فوت ٿيل ڳوٺاڻو بہ پنھنجي گھر جي سار سنڀال لاء پنھنجي گھر ويو تہ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ھنن چيو تہ اسين ڳوٺاڻي جي ٻڏي وڃڻ جو انتظاميه کي اطلاع ڏنو ھو پر انتظاميہ توڙي نيوي وارن ڳولھا لاء ڪا به مدد نه ڪئي جنھن سبب اسين پنھنجي مدد پاڻ لاش ڳولھي ھٿ ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.