دادو ۾ ٻوڏ متاثر جو واهر نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

دادو ( ڊ ر ) دادو ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ جي رهواسي ڇنڊڻ  تي ويٺل امير علي چانڊيو معصوم ٻارڙن سان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته ٻوڏ سبب منهنجو گهر ڪري تباه ٿي ويو آھي جنهن سبب هڪ مهيني کان بند تي معصوم ٻارڙن سان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيان هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪو سامان ملي ٿو اهو من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آھي اسان ٻوڏ متاثرن کي ڪجهه به نه ٿو ڏنيو وڃي هن چيو ته هن قران جي واسطي اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.