ٻوڏ متاثرن جي علاج تي خاص ڌيان آهي: ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو

حيدرآباد(رپورٽر) لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو چيو آهي ته اسپتال ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بهتر علاج خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ 60 بسترن تي مشتمل اسپيشل وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جتي پيٿالاجي ليبارٽري ۽ سمورن ٽيسٽن سميت متاثرن کي دوائون مفت ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته آئون پاڻ پنهنجي ماهر ڊاڪٽرن سان گڏ مريضن کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن جي نگراني ڪري رهيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن 60 بسترن تي ٻڌل نئين وارڊ ۽ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل اسپيشل او پي ڊي جي دوري دوران ڊاڪٽرن ۽ عملي کي خاص هدايتون جاري ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن عبدالستار جتوئي، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو، ڊائريڪٽر آءِ سي يو ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شوڪت علي لاکو، اي ايم ايس جنرل ڄامشورو ڊاڪٽر نياز حسين ٻٻر، اي ايم ايس ڄامشورو ڊاڪٽر غلام قادر ٻٻر، اي ايم ايس او پي ڊي ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ، چيف سي ايم او ڊاڪٽر ولي محمد ڪلوڙ ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. بعد ۾ ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو اوچتو بائيو ميٽرڪ ڊپارٽمينٽ پهتو، جتي هن ڊاڪٽرن، نرسز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت چيڪ ڪيو، جڏهن ته دير ۽ غير حاضر ملازمن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊينگي جي مريضن جو انگ به وڌي رهيو آهي، جنهن سبب حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.