بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل، متاثرن پاران ڌرڻو

سيٺارجا (ن ع آ)  بوزداروڏا ۽ آس پاس جي علائقن مان هڪ مهينو گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو, 15 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ شهرن  ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل رهيو علائقي واسين پاران مهراڻ هاء وي تي متاثر ڳوٺن جي اڳواڻن دلشاد خاصخيلي , غوث بخش جويو, اعظم مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گابر شاخ اسٽاپ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بوزدار وڏا, ٽالپر وڏا, دودو خاصخيلي ,الله بخش مهر, گلڻ خاصخيلي سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 15 فٽ تائين پاڻي بهجي ويو آهي جنهن سبب هزارين گهر ڪري تباه ٿي ويا آهن هنن چيو ته علائقي اندر پاڻي وڏو هجڻ ڪري مختلف ماڻهون ٻڏي مري ويا آهن سوين گهر ڪري تباه ٿي ويا آهن هزارين ايڪڙ فصل تباه ٿي ويا پر انتظاميه کي ڪن تي جونء به نه ٿي چري جو پاڻي نيڪال ڪرائي سگهي ٻئي طرف ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.