جمال شاهه ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاج

جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان مختلف ڳوٺ جن ۾ ميوو خان بگٽي، جاڙو سولنگي ۽ مير محمد جي رھواسين پاران الياس بگٽي ۽ نور  محمد جي اڳواڻي ۾ گھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ھنن دانھيندي چيو ته 3 مھينا گذرڻ جي باوجود ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، فصل مڪمل طور سڙي تباھ ٿي ويا آھن، ھن وقت بہ گھرن ۾ 4 کان 5 فٽ پاڻي بيٺل آهي، چوپايو مال پڻ بيماري وگھي مري ويو آھي، جيڪو بچيل آهي اھو بہ زھريلو پاڻي پيئڻ کان پوءِ مرندو وڃي ٿو، جڏهن ته بدبودار پاڻ مان گذرڻ جي ڪري ٻارڙن جا پير پڻ پچي پيا آهن، ننڍا ٻار ۽ وڏا ماڻھو  سڀ مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، چونڊيل نمائندن طرفان راشن ۽ ٽينٽ نہ مليا آھن، کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، ھنن ضلعي انتظاميہ کان مطالبو ڪيو ته گھرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.