خانپور مهر لڳ برسات بعد گهر ڊهي پيا، بيماريون پکڙجڻ لڳيون، هڪ ٻار فوت

خانپورمهر (ن ع آ ) خانپورمهر ڀرسان  ڳوٺ ساماڻو گبول ۾ ڳوٺاڻن جا برسات سبب ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ڳوٺاڻن ظهور گبول ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڳوٺ جي چوڌاري پاڻي آهي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ بيمارين منهن ڪڍيو آھي جنهن سبب اسان جو 9 سالن جو  سجاد ولد ميرحسن گبول مليريا وگهي  فوت ٿي ويو آهي ۽ اڃان ڪيترائي معصوم ٻارڙا توڙي مرد ۽ عورتون بيماري ۾ مبتلا آهن هتان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي آعليٰ آفيسرن اسان جي سار ناهين لڌي ڳوٺاڻن چيو ته برسات متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ آيل ٽينٽ ۽ مڇردانيون تعلقي انتظاميا پاران راشن پسند ماڻهن کي سياسي ۽ سفارشي بنيادن تي تقسيم ڪيون آھن  ۽ حقيقي متاثرين دربدر  آھن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ڳوٺاڻن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.