زيرو پوائينٽ تي ڪٽ لڳائي پنجن ضلعن جا سوين ڳوٺ بچايا وڃن

ڊگھڙي (ن ع آ) باشعور نوجوانن تي ٻڌل وفد ميرارشد ٽالپر،اسامه قائمخاني،بلاول قائمخاني،سعود قائمخاني جي اڳواڻي ۾ زيروپوائينٽ تي  ڪٽ لڳائڻ جي حمايت ۾ نيوي پمپ تي لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان نڪتل وفد پريس ڪلب ڊگهڙي پهتو جتي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زيرو پوائينٽ تي ڪٽ نه لڳڻ جي نتيجي ۾ پنجن ضلعن جا سوين ڳوٺ،شھر آباديون ۽ لکين ماڻهون هن وقت پاڻي جي گهيري ۾ آهن،پاڻي جو قدرتي لنگھ زيرو پوائينٽ تان بند هئڻڪري مسڪين ماڻھون پاڻي ۾ ٻڏي ۽ وبائي بيمارين جي نتيجي ۾ مري رهيا آهن ته ٻي طرف چيٽ جي پوکي پڻ متاثر ٿي رهي آهي،هنن چيو ته اسانجي سٿ جا نوجوان وڏي انگ ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ آهن اسان به شرڪت لاءِ وڃي رهيا آهيون جيڪڏهن ڪٽ نه لڳايو ويو ته اسان ميرپورخاص ضلع کان جلد پيادل مارچ ڪڍنداسين هنن چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ چند ماڻھن جي ڪري پنجن ضلعن جي عوام کي عذاب ۾ وڌو ويو آهي زيرو پوائينٽ تي لڳل  تاريخي ڌرڻي ۾ عوام جي سمنڊ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته فوري طور تي ڪٽ لڳائي پنجن ضلعن جي عوام کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.