هالاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات بعد هزارين گهر ڊهي پيا، تعميراتي سامان مهانگو، خلق پريشان

ھالاڻي  ( ن ع آ ) ھالاڻي ۽ پسگردائيءَ جي علائقن ۾ تازين طوفاني برساتن جي تباھ ڪارين کان پوءِ بي گھر ٿيل ھزارين متاثرين لاءِ اجھو ٺاهڻ مشڪل ٿي ويو تعميراتي مٽيريل جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن متاثرين جي اھجن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آھي، ان ڏس۾ واپارين،ڊيلرن، دڪاندارن پاران سيمينٽ، لوھ، سريو،ڳاڙھي ڪاري واري، سرون، مٽيءَ سميت تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي اگھن ۾ اچانڪ ھيڪاندو اضافي برسات متاثرين جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، ھٿرادو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب بي گھر ٿيل متاثرين لاءِ ٻيھر اجھو ٺاهڻ ۽ مرمت ڪرائڻ انتھائي مشڪل بڻجي ويو آهي، تازين طوفاني برساتن سبب ھالاڻي ۽ پسگردائيءَ جي علائقن ۾ سوين جڳھون،دڪان ڪري پٽ ٿي ويون ۽ ڪيترون ئي جڳھن کي نقصان پھتو آھي جڏھن ته ھتان جي سماجي اڳواڻن،شھرين، ڳوٺاڻن اقبال گاڏھي، ذوالفقار علي خاصخيلي، حزب الله چانگ، عمرالدين ٻانڀڻ، مزمل ڪمبوھ،قابل خاصخيلي جو چوڻ هو ته طوفاني برساتن گھر، دڪان، زمينون ۽ فصل تباھ ڪري ڇڏيا آهن جنھن سبب مالي حالتون ڳنڀير ٿي ويون آهن پر افسوس سنڌ سرڪار ھزارين بي گھر ٿيل متاثرين کي اجھو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ٻچڙن کي اجھو تعمير ڪرائي ڏيڻ مشڪل ٿي ويو آھي لوھ،سيمينٽ، سريو،ڳاڙھي ڪاري واري مٽيءَ سميت اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ جي زحمت نه ٿي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.