ٻوڏ متاثرن جو سامان وڏيرن جي گدامن حوالي ڪيو ويو: اياز پليجو

حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز  لطيف پليجي چيو تہ برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل راشن، خيما ۽ مڇر دانيون متاثرين کي ڏيڻ بجاءِ پنھنجن من پسند ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن، پيپلزپارٽي ۽ ظالم حڪمران سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي غريب مسڪين ماڻهن اجها پٽ ڪري معصوم ٻارن عورتن ۽ ماڻهن کي ٻوڙي ماري سنڌي جي ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي نااھلي ڪرپشن جي ڪري سڄي سنڌ پاڻي جي گھيري ۾ آھي ھنن حڪمرانن لاءِ پاڻ سڀ ٻوڙيل سنڌي ٽڪي جا ماڻھو آھيون، جن جي آڏو ھو چٻاڙيل ھڏي اڇلائي ٽھڪ پيا ڏين وقت گذرڻ سان سڀني لاء ٻوڏ منظر ويندا جھڪا ٿيندا. پر جيڪي ٻوڙيا ويا انھن لاء بربادي بک ۽ بيوسي جو وقت بيھي رھيو آھي.اياز لطيف پليجو چيو تہ برسات متاثرين جا ٻار بک ۾ تڙپي رھيا آھن، سرڪار گڏجاڻيون ڪري وقفي وقفي سان بيان جاري ڪري رھي آھي خيما، راشن ٻيو سامان اقتداري وڏيرن، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرن، پارٽي عھديدارن جي گودامن، آفيسرن، بنگلن ۽ اوطاقن ۾ وڃي رھيا آھن پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ ڀلي سنڌ تباھ ٿي وڃي، ھنن گيس، ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلا ڌارين ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ کي سڪائي، ٻورڙي، ماري ست ڪروڙ سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي دربدر ڪري ڏينداسون پر اسان صرف 2023 واري اليڪشن م  پنجن سالن لاءِ سنڌ حڪومت ڏجو، ھي سدائين اقتدار جا بکيا رھيا آھن،پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن پيپلزپارٽي ڪڏهن بہ مشڪل وقت ۾ عوام جي واھر نہ ڪئي آھي حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري عوام روڊن رستن تي بي يارومددگار ويٺل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.